سيوهڻ مان ناري جي اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن جو ڌرڻو

سيوهڻ(ن ع آ) سيوهڻ جي مڪراني محلا مان  هڪ مهينو اڳ ناري سنيا بلوچ جي مبينا طور اغوا ٿيڻ واري ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ناري جي وارثن معصوم ٻارڙن عورتن مردن لطيف بلوچ, فاروق بلوچ، شبير بلوچ ۽ الله رکيو بلوچ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سيوهڻ جي اڳيان پھچي قهر جهڙي گرمي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳائيندي چيو ته جوابدار ديدار بڙدي, مرتضي بڙدي, انب بڙدي ۽ ٻين هڪ مهينو اڳ هٿيارن جي زور تي اسان جي نوجوان ناري سنيا کي اغوا ڪري هڪ مهينو پاڻ وٽ رکي ڇڏي ڏنو ناري جي اغوا ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آھي سيشن جج ڪوٽڙي جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آھي پر تنهن هوندي به ايس ايڇ او سيوهڻ ناصر نواب ۽ ڊي ايس پي سيوهڻ جوابدار ڌر کان ڳري رشوت وٺي کين گرفتار نه ٿي ڪري ان ڪري جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ۽ سيوهڻ پوليس انهن سان ٻٽ بڻيل آھي. ھنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته اغوا ڪيس ۾ گهربل جوبدارن کي جلد گرفتار ڪري کين انصاف فراھم  ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھو سيوهڻ ٿاڻي اڳيان سخت احتجاج ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.