لاڙڪاڻي ۾ اي سي جون ڪارروايون، 4 دڪاندار ٿاڻي منتقل، ڏنڊ وصول

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد  علي سومرو پوليس عملدارن سان گڏجي شهر جي بندر روڊ، پاڪستاني چوڪ، جناح باغ چوڪ، ريشم گلي ۽ سبزي مارڪيٽ ۾ غيرقانوني پارڪنگ ڪيل موٽر سائيڪلون توڙي دڪانن اڳيان رکيل سامان کڻائي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو ۽ رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي برياني جي کليل دڪان کي بند ڪرائي دڪان مالڪ مٿان 8 هزار ڏنڊ وجهي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته اسان وٽ شهر ۾ ٽريفڪ جي روانگي ۽ شهرين کي اچ وڃ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن جنهن جي شڪايتن تي اڄ شهر جي مختلف علائقن جناح باغ چوڪ، پاڪستاني چوڪ، سبزي مارڪيٽ، بندر روڊ، ريشم گلي ۾ غير قانوني حددخليون ڪندڙن ۽ غير قانوني پارڪنگ ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هوڏانهن شخصي ضمانت تي حراست ۾ ورتل دڪاندارن کي آزاد پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.