دريا خان مري لڳ ڪار واهه ۾ ڪري پئي، 2 ڄڻا ٻڏي فوت، هڪ کي ڪڍيو ويو

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان مھراڻ ھاءِ  وي تي منگيا موري پل وٽ تيز رفتار ڪار نصرت واھ ۾ ڪري پئي ھئي جنھن سبب ڪار م سوار راجا نياز پٽ گلزار کي مقامي ٽوٻن ٻڏڻ کان بچائيندي زنده ڪڍيو جڏھن ته چڪوال واسي نورالدين ۽ ياسين پٺاڻ جا لاش مقامي ٽوٻن ذريعي 4 ڪلاڪن جي ڳولا بعد نصرت واھ مان ڪڍيا ويا دريا خان مري پوليس پاران ٻڏي فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا فوتين جا مڙھ ايمبولينس ذريعي اباڻي علائقن ڏانھن نيا ويا واضح رھي ته گذريل رات دير سان تيز رفتاري سبب ڪراچي کان سکر طرف ويندڙ ڪار نصرت واھ ۾ ڪري پئي ھئي ڪار م سوار چڪوال واسي ھڪ ڄڻي  راجا نياز کي مقامي ٽوٻن ذريعي ٻڏڻ کان بچائيندي فوري طور تي نصرت واھ مان ڪڍيو ويو ھيو جڏھن ته 2 ڄڻا نورالدين ۽ ياسين پٺاڻ ٻڏي ويا ھيا جن جا لاش نصرت واھ مان ڪڍيا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.