ٽنڊو مستي لڳ قتل ڪيل استاد جا جوابدار ظاهر، ڏوهه جو اعتراف

ٽنڊومستي  (ن ع آ ) ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل رٽائرڊ استاد ربنواز چانڊيو جا ٽن مهينن بعد قاتل ظاهر ٿي ويا ٽنڊومستي پوليس هٿان گرفتار جوابدارن علي شير عرف ڊبو چانڊيو ۽ ڌڻي بخش چانڊيو رٽائرڊ استاد ربنواز چانڊيو کي پلاٽ جي مالڪي تان  اغوا بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٽنڊومستي غلام محمد بوزدار عوامي آواز  پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته رٽائرڊ استاد ربنواز چانڊيو جا قاتل سندس جا ويجها عزيز نڪتا آهن.  جن  علائقي جي بااثر اڳوڻي ضلع ڪائونسل ميمبر ايڊووڪيٽ حفيظ ﷲ چانڊيو جي پلاٽ معاملي تان سندس گڏجي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي ان وارڌات ۾ ٽنڊومستي پوليس ٿاڻي جو اهلڪار عبدالوحيد چانڊيو جو نالو سامهون اچي ويو آهي جن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن علي شير عرف ڊبو چانڊيو ۽ ڌڻي بخش چانڊيو اڳ ئي گرفتاري ڏئي چڪا آهن باقي ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد باقي جوابدارن کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.