ماٿيلي ۾ بدامني، ڌاڙا ڦرون معمول، سياسي سماجي اڳواڻ سراپا احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) گھوٽڪي ضلعو بدامني جو ڳڙهه بڻجي ويو، ڏينهن ڏٺي جو چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا،  جروار جي رهواسين، سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڏھرڪي مان استاد راحب بوزدار  کان 12 لک روپين جي ڦر واري واقعي خلاف ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ۽ پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن استاد راحب بوزدار، استاد دليپ ڪمار، پرويز بوزدار، محبوب شاه ۽ ٻين چيو تہ گھوٽڪي ضلعي اندر بدامني عروج تي پهتي آھي، پوليس خبر ناهي ته ڪٿي گم آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته استاد راحب بوزدار کان ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربند هٿيارن جي زور تي 12 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن پر ان باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو، جيڪا اسان سان ناانصافي آھي، ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان ڦر ٿيل پيسا واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.