پکي ۾ڪارروائي اشتھاري جوابدار گرفتار، ھٿيار ھٿ

پکو (ن ع آ) پکو پوليس 15 ڏينھن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي مبينا مقابلو ڄاڻائي رپيٽر سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آھي ان ڏس ۾ پکو ٿاڻي جي ايس ايڇ او امتياز کيڙو مبينا مقابلي جي دعوي’ ڪندي چيو آھي ته ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ ھڪ خفيه اطلاع تي ڇاپو ھڻي مختلف ڪيسن ۾ مفرور بڻيل اشتھاري ڏوھاري منور پُٽ گلشير ٻلھڙو کي گرفتار ڪري قبضي مان ھڪ رپيٽر ۽ ڪارتوس ھٿ ڪري مٿس غير قانوني ھٿيار رکڻ جو ڪيس درج ڪري ڇڏيو آھي پوليس جو چوڻ ھو ته گرفتار ملزم منور ٻلھڙو تي ڦر سميت مختلف ڏوھن جا ڪيس درج ٿيل ھُئا ۽ ھو پوليس کي گھربل ھو جنھن کي گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي شروع ڪئي آھي ھوڏانھن گرفتار ڄاڻايل ملزم منور ٻلھڙو جي وارثن جو چوڻ ھو پکو پوليس ڪجھ ڏينھن اڳ رات جو ڳوٺ تي چڙھائي ڪري چئن ڳوٺاڻن جا ڪرين مشين ذريعي گھر ڊاھي ھڪ بيواھ عورت مسلم خاتون ۽ نوجوان منور ٻلھڙو کي کنڀي گم ڪيو ھو ۽ اڄ پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي ڏوھاري قرار ڏنو آھي ۽ مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي اسان کي خدشو آھي ته پوليس کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي وارثن ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ڪوڙي مقابلي جي صاف شفاف جاڇ ڪري گرفتار نوجوان منور ٻلھڙو کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.