هالا واسي اڳوڻي ڪائونسلر طرفان خودڪشي جي ڪوشش، زخمي

مٽياري (ت ر)هالا واسي اڳوڻي ڪائونسلر محمد بچل مغل پاران پنهنجي گهر اندر ڪمري ۾ ويهي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪري ڇڏي آهي ۔ وارثن پاران محمد  بچل مغل کي فوري طور تعلقه اسپتال هالا  پهچايو ويو آهي جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد جي سول اسپتال  وڌيڪ علاج لاء منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۔ محمد بچل مغل اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته بااثرن منهنجي ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاء مجبور ٿي اهڙو قدم کنيو آهي.ياد رھي ته ڪجھ عرصو اڳ ھن سندس ڀيڻويئي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان مٿان ملڪيت ڦٻائڻ جا الزام ھنيا ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.