ڀرياسٽي لڳ مدرسي جو طالب، ٽرين جي دروازي تان ڪري زخمي

ڀرياسٽي (ن ع آ ) ڀرياروڊ مدرسي جو طالب علم 20 سالن  محمد فيصل آرائين پنجاب کان ايندڙ ملت ايڪسپريس ۾ واپس ڀرياروڊ اچي  رهيو هو ته ڀرياروڊ ڀرسان ٽرين جي دروازي کان بيهي ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس جا پير ۽ هٿ ترڪي پيا جنهن سبب هلندڙ ٽرين مان نوجوان ڪري سخت زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان جي ڪرڻ جو اطلاع مدرسي جي مولوي شفيق آرائين ۽ ريلوي پوليس کي ڏنو ويو جن زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت۾ نواب شاهه اسپتال ريفر ڪيو ۔ هوڏانهن مدرسي جي مولوي شفيق آرائين ٻڌايو ته منهنجي مدرسي جو طالب علم پنجاب ۾ ديني حوالي سان ڪورس ڪرڻ لاء ويو هيو واپس اچڻ تي  ڪري زخمي ٿي پيو ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال داخل ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته نوجون طالب علم اصل دولپور جو رهواسي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.