سکر ۾ پر اسرار نموني گم ٿيل ناري هٿ نه آئي، وارث پريشان

سکر  ( رپورٽر  )  اي سيڪشن ٿاڻي جي حد آچر گھٽي محلي جي رھواسڻ ناري سرتاج بلوچ پر اسرار طريقي گم ٿي وئي آهي جنھن جو  ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ھن وقت تائين وارثن کي ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنھن سبب مبينا طور گم ٿي ويل ناري سرتاج بلوچ جا وارث سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ گھر ۾ روڄ متل آهي ان سلسلي ۾ سکر جي فلاحي تنظيمن سان تعلق رکندڙ شھرين سوشل ميڊيا ذريعي ايس ايس پي سکر سينگھار ملڪ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي مبينا طور گم ٿي ويل نوجوان ناري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.