ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڊي لميٽيشن ڪميٽي ٺاھي وئي آھي

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين لاءِ اليڪشن  ڪميشن جي 4 رڪني ڊي لميٽيشن ڪميٽي کي رد ڪندي چيو آھي ته ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڊي لميٽيشن ڪميٽي ٺاھي وئي آھي، جنھن ۾ انھن جي مرضي وارا 2 سينئر آفيسر ۽ 2 جونيئر آفيسر شامل ڪيا ويا آھن۔ اعجاز چوھاڻ کي ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي سنڌ جو صوبائي اليڪشن ڪمشنر بنايو پيو وڃي، جيڪو سڄي سنڌ جون تڪبنديون خراب ڪندو ۽ مخصوص ٽولي کي تڪ ٺاھي فائدو پھچائيندو۔ اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاھ، سانگھڙ، سکر ۽ ميرپورخاص جا تڪ خراب ڪري ايم ڪيو ايم جي مفاد وارا تڪ ٺاھي انھن جا ماڻھو چونڊرائڻ جون خاص ھدايتون ڪيون ويون آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اعجاز چوھاڻ کي سنڌ مان ڪراچي جي مخصوص پارٽي کي سيٽون وٺي ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي۔ اھو عمل سنڌ دشمن معاھدي جو نتيجو آھي، جنھن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو۔اياز لطيف پليجي چيو ته 2018 ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون تڪبنديون ٽوڙي مروڙي ٺاھيون ويون ھيون۔ ان وقت به ڊي لميٽيشن ڪميٽي جا مک ميمبر مسعود احمد قريشي ۽ نديم حيدر شامل ھئا۔ انھن کي ٻيھر ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي مقرر ڪيو ويو آھي ۽ انھن سان گڏ 2 جونيئر سنڌي آفيسر شاھنواز بروھي ۽ نعيم الرحمان جلباڻي شامل ڪيا ويا آھن، جن کي تڪبندين جو ڪو به تجربو ناھي۔ اھي سنڌ ۾ من پسند مخصوصي لابي لاء ٺھندڙ تڪبندين جي سازش کي نه سمجھندا ۽ ڪجھ بہ نہ ڪري سگھندا۔ 4 رڪني ڪميٽي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرز کان نقشا گھرائي اسلام آباد ۾ ويھي تڪبنديون ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.