قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ ٽنڊي محمد خان ۾احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)جئي سنڌ قومي محاذ ۽ جئي سنڌ تحريڪ پاران سن  سائين جي ايم سيد جي ورسي تي ويندڙ ۽ موٽندڙ پاندئيڙن ۽ نياڻين جي رستا روڪ ڪري  سندن تذليل ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب سامھون مظاھرو ڪيو مظاھري کي خطاب ڪندي جئي سنڌ قومي محاذ جي شاھ فھد ڀٽي ؛ بلاول ملاح، جساف اڳواڻ سڪندر سنڌي ۽ ٻين چيو ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد سدائين امن، ڀائيچاري ۽ عدم تشدد جو پرچار ڪيو اسين پرامن شھري آھيون ۽ عدم تشدد جا پيرو ڪار آھيون سائين جي ايم سيد جي ورسي تان موٽندڙ پاندئيڙن کي رياستي ادارن پاران  گرفتار ڪري ۽ انھن جي  تذليل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت ۽ رياستي ادارن کان گھر ٿا ڪريون ته گرفتار ٿيل قومي ڪارڪنن ۽ پاندئيڙن کي فوري آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.