کپري ويجهو نارا ڪينال ۾ 2 ڌنار وهنجندي ٻڏي ويا

کپرو (ن ع آ)کپرو ويجهو ناراڪينال ۾ خليفو عاقل هنڱورو موري وٽان چوپائي مال جا 2 ڌنار ناراڪينال ۾ وهنجندي ٻڏي ويا ٻڏي ويل  ڌنارن ۾ 38 ورهين جو ڳوٺ ڪسي جو رهواسي محرم ولد محمد هنڱورو ۽ ٻيو اڇڙي ٿر جو رهواسي لعل محمد گجو شامل آھن اطلاع تي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا ۽ وارث پهچي ويا مقامي ٽوٻن ذريعي ٻنئي لاشن جي ناراڪينال ۾ ڳولا جاري آھي وارثن موجب ناراڪينال ۾ پاڻي اونهون آھي ٽوٻن کي وڏي پريشاني ٿئي پئي هنن مطالبو ڪيو آھي ته ناراڪينال مان پاڻي لاٿو وڃي ضلعي انتظاميا سرڪاري ٽوٻو ڏنا وڃن ته جئين ان جي مدد سان ٻڏي ويل لاش هٿ ڪيا وڃن آخري اطلاع تائين مقامي ٽوٻن ذريعي هڪ اڇڙي ٿر جو رهواسي لعل محمد گجو جو مڙھ هٿ ڪيو ويو لاش کي ناراڪينال مان ڪڍي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.