شهدادپور:جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۽ رند برادري جي تڪرار جو نبيرو

مقصودو رند(ن ع آ)شھدادپور ڀرسان جمالي برادري جي  ٻن ڌرين ۽ رند برادري وچ  ۾ ڪافي عرصي کان ھلندڙ زرعي زمين جو تڪرار جو نبيرو ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ پ.پ.پ اڳواڻ ۽ فيصلن جي امين محمد خان جوڻيجو سرپئنچي ھيٺ ٿي گذريو فيصلي ۾ ٽنھي ڌرين نبي شير رند، عبدالرزاق عرف سونو خان جمالي ۽ عبدالرحمان جمالي ڳالھائيندي چيو ته ڳوٺ سردار احمد پنجابي ڀڙو ۾ ٻنھي ڌرين جون اوطاقون ختم ٿينديون ۽ اھا زمين ڳوٺ جي گڏيل ملڪيت ھوندي ۽ ڪنھن به وقت ڪا سرڪاري بلڊنگ ٺھي سگھي ٿي عبدالرزاق جمالي عرف سونو جمالي جي گوٺ ڀرسان جيڪا زمين آھي ان جي ماپ ٿيندي ۽ جيتري به ايراضي ڳوٺ ۾ اچي ٿي ته ان جي ڳوٺاڻا اڄڪلھ جي حساب سان معاوضو ڏيندا ۽ اگر زمين ماپ کان وڌيڪ  ٿي ته عبدالرزاق جمالي عرف سونو جمالي زمين ڇڏيندو ۽ زمين ڳوٺ جي ملڪيت ھوندي پاڻي گئس وغيره ڪير به ڪونه روڪيندو اگر ڪو اڳرائي ڪندو ته ان تي برادري تي ڏھ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو جاويد جمالي سان ديدار رند وڙھيو جنھن جي عبدالرزاق عرف سونو جماليءَ ٻيا قانونيءَ ۽ اخلاقي مدد نه ڪندا ان جي ساک سھيل جمالي ڏني ڳوٺاڻا فصل جي ڀيل نه ڪندا اجايو اگر ڪو ھاري تنگ ڪندو ته ان کي بيدخل ڪيو ويندو جنھن کي جيڪا به شڪايت ھوندي اھا اختر نظاماڻي کي ٻڌائيندو پويان ڳوٺ جي زمين عبدالرزاق عرف سونو جمالي جو مسئلو گڏجي حل ڪيو ويندو جنھن ۾ محبوب عالم جمالي ۽ محب فقير جمالي گڏجي حل ڪندا اھڙين ڳالھين بعد ٻنھي ڌرين فيصلي کي قبول ڪري ورتو ء ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ان موقعي تي ذاڪر حسين رند، منور علي رند ۽ ولي محمد ڏاھري پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.