نوشهرو فيرز لڳ گهرن تي چڙهايون، صحافي ۽ قومي ڪارڪن کنڀي گم، احتجاج

نوشهرو فيروز   ( ڊر ) پڊعيدن مان صحافي حيدر پلهه ۽ رضوان ڀڙدي به کنڀجي پوليس وردي ۽ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهن اڌ رات جو سندن گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو. نوشهرو فيروز مان کنڀيلن جو تعداد 8 ٿي ويو آھي. صحافي ۽ قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. پڊعيدن ۾ نصرت ڪئنال کان ريلوي روڊ نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، حيدر پلهه جي پيءُ صحافي عبد الجبار پلهه، انعام گل مري، سهيل پلهه، امجد بڙدي ۽ ٻين چيو ته صحافي حيدر پلهه جي گهر ۾ داخل ٿي بنا ڪنهن جواز جي کنيو ويو آھي ۽ ساڳئي رات تي ئي رضوان بڙدي کي کنيو ويو گذريل ڏينهن نوشهرو فيروز مان پڊعيدن جي رهواسي تعليم کاتي جو ڪلارڪ زاهد مري ۽ رضوان بڙدي کي به کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي. هنن جو چوڻ هو ته اسان جا نوجوان ڪنهن به پارٽي سان تعلق نٿا رکن بنا جواز گهرن ۾ گهڙي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪندي کنڀي گم ڪيا ويا آھن. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن اسان جي نوجوانن کي آزاد نه ڪيو ويو ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. واضح رهي ته نوشهرو فيروز ضلعي مان 8 ڄڻا حيدر پلهه، رضوان بڙدي، زاهد مري، ثناءُ الله لاشاري، امان الله لاشاري، شرجيل تڳر، عزيز ڀنگوار، عتيق وسطڙو شامل آھن جن مان ٻن ڄڻن ثناءُ الله لاشاري ۽ امان الله لاشاري جي گرفتاري ظاهر ڪئي ويئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.