شڪارپور واسي اغوا ٿيل ٻارڙو آزاد نه ٿيو، سکر ۾ احتجاج

سکر (رپورٽر ) شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ ڊرٻ ٽانوري جي رهواسين پاران ٻارڙي جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين ٻارڙي جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا،  ان موقعي تي عبدالشڪور ٽانوري، عبدالقادر، حافظ عبدالهادي، بدرالدين ٽانوري ۽ ٻين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مهراڻ مرڪز واري علائقي مان ٻن سالن جو عبدالرئوف پٽ عبدالوحيد ٽانوري کي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا هئا، هن وقت تائين پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ٻارڙي کي هٿ ناهي ڪيو ويو، ٻارڙي جي گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي، هنن انتظاميا کي اپيل ڪئي ته ٻارڙي کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.