خيرپور مان مبينا اغوا ڪيل ٻه ڀينرون واپس نه ٿيون، احتجاج

خيرپور( ڊ ر )بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نارائي محلا مان مبينا اغوا ٿيل ٻه ناريون واپس نه ٿيون جنهن عمل خلاف متاثر خاندان جي عورتن ۽  مردن پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي حبيبان سونيا  محمد حسن علي حسن ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن ٻڌايو ته جوابدار علي اڪبر اسان جون ٻه نياڻيون فوزيه سومرو ۽ نظيران سومرو کي اغوا ڪري ويو آهي جيڪو علائقي جو بااثر ماڻهون آهي جڏهن به هن کي ناريون واپس ڪرڻ لاءِ چئون ٿا ته هو اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي ٿو هنن ايس ايس پي خيرپور کان خيرپور گھر ڪئي ته اغوا ٿيل ٻئي ناريون واپس ڪرايون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ هو احتجاج جي دائري کي وسيع ڪندا جنهن ذميواري خيرپور پوليس تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.