اينٽي ڪرپشن پاران گرفتار ڪيل مختيار ڪار ڏوڪري ضمانت تي آزاد

ڏوڪري   ( ن ع آ ) ڏوڪري تعلقي جو مختيارڪار آصف علي شر ضمانت تي آزاد. خبر موجب 24 ڏينهن اڳ اينٽي ڪرپشن  پوليس لاڙڪاڻو پاران رشوت جي الزام هيٺ ڏوڪري مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو هڻي مختيارڪار آصف علي شر ۽ اسٽنٽ مختيارڪار سائين بخش ڪولاچي ۽ پرائيويٽ ملازم کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو هو.  ان ڏس ۾ مختيار ڪار آصف علي شر پاران هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي مان ضمانت ڪرائي آزاد ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسٽنٽ مختيارڪار سائين بخش ڪولاچي ۽ سندس پرائيويٽ ملازم جي ڪيس ۾ ضمانت نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.