چمبڙ ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

چمبڙ (ت ر)چمبڙ جي ڳوٺ ميانداد رند ۾ زميندار علي رند جي زرعي زمينن تي ڪکاوان گھر ٺاھي ويٺل 28 ورھين جي شادي شده  نوجوان شمبو عرف شميڙو ڪولھي ڳوٺ ڀرسان انب جي بيٺل وڻ ۾ ٽوال جو رسو ٻڌي ڳچي ۾ ڦاھو کائي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ، فوتي نوجوان جي زال جو چوڻ آھي ته معمولي ڳالهھ تان گذريل ڏينھن مونسان مڙس جي منھماري ٿي جنھن تان ڪاوڙجي ڳوٺ ڀرسان وڃي ڦاھي کائي ڇڏيائين.جڏھن ته ٻئي طرف فوتي نوجوان جي ڀاء شاملو ڪولھي ٻڌايو ته ڀاءُ کي ڪافي وقت کان اولاد نه پئي ٿيو ساھوريجن پاران تعنا ملڻ ڪري خودڪشي ڪيائين، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ چمبڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو.فوتي نوجوان جي ڀاء شاملو ڪولھي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.