شاهه لطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ سان حادثو، 10 شاگرد سخت زخمي

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڦٽ پاٿ تي چڙهي وئي 4  شاگردياڻين سميت 10 شاگرد زخمي ان سلسلي ۾ زخمي شاگردن ٻڌايو ته  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه جي لاپرواهيءَ سبب پريالو مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پوائنٽ بس ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن پوائنٽ بس جي حالت خراب ٿي چڪي آهي، يونيورسٽي انتظاميه کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن ته پوائنٽ بس تبديل ڪئي وڃي ته جيئن محفوظ نموني بنا ڪنھن دير تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پھچي سگھون پر انتظاميه لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنھن سبب اسان شاگردن جون حياتيون داءُ تي لڳل آھن شاگرد پوائنٽ بس جو مسئلو فوري طور حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.