خيرپور مان بجلي جا 2 ٽرانسفارمر چوري، 6 ڄڻا گرفتار

خيرپور( ڊ ر )خيرپور جي بينظير بستي مان 2  بجليءَ ٽرانسفارمر چوري ڪري فرار علائقي جي بجلي بند پوليس  6ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ان سلسلي ۾ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته بينظير بستي جو چوڪيدار توڙي سيپڪو اهلڪار ان ڪوڌي ڪم ۾ ملوث آهن شهرين جو چوڻ آهي ته بينظير بستي مان چور اڳ ۾ به  بجلي  جا 2 ٽرانسفارمر چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا جڏهن ته  بي سيڪشن پوليس ڪالوني ۾ رهندڙ 6 شهرين اختيار شبن سليم. محمد علي ارباب رحيم بخش  کي گرفتار ڪيو هيو جيڪي اڃا ٿاڻي ۾ آهن جڏهن ته شهرين جو اهو نه چوڻ آهي ته سيپڪو اهلڪارن ڪالوني جي چوڪيدارن ملي ڀڳت ڪري 200 ڪي وي جا ٽرانسفارمر هٿ سان بجلي بند ڪرائي چوري ڪري وڪرو ڪيا آهن ۽ پوليس به ملوث آهي ۽ ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ ڪري پوري علائقي ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي سخت گرمي ۽ عيد جي موقعي تي رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.