قمبر ۾ گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران بک ھڙتال

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ ) قمبر مان ڪجهه ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل محمد علي چانڊيو جي وارثن پاران پريس ڪلب روڊ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري سندس جي آزادي لاءِ عورتن مردن معصوم ٻارڙن بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي محمد علي چانڊيو جي امڙ عظيمان خاتون،نصرت خاتون ۽ شوڪت علي چانڊيو،توفيق چانڊيو چيو ته محمد علي غريب پورهيت آهي ان کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي وارثن چيو ته اسان سنڌ هاء ڪورٽ , سپريم ڪورٽ ۽ اعلي ادارن سميت سمورن انساني حقن جي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته پاڪستاني ادارن هٿان کنڀي گم ڪيل پورهيت محمد علي چانڊيو جي آزاديء لاء اسانجي آواز کي ٻڌن ۽ اسانجو ساٿ ڏين ۽ اسانجو اهو به مطالبو آهي ته پورهيت محمد علي چانڊيو تي اگر ڪوبه ڪيس آهي ته ان کي قانون مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي سڀ انساني بنيادن تي محمد علي چانڊيو سميت سنڌ مان بيگناھ کنڀي گم سمورن ماڻهن جي بازيابي لاء آواز اٿارين  وارثن اعلان ڪيو آهي جيستائين کنڀي گم ڪيل محمد علي چانڊيو آزاد نه ڪيو ويندو .تيستائين هي مسلسل احتجاجي ڪئمپ جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.