ساڪري ويجھو اسڪول زبون ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، احتجاج

ميرپور ساڪرو ( ن ع آ ) ميرپور ساڪرو ڪرمپور ھاء اسڪول جي گذريل ڪافي وقت کان زبون حال بڻيل عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري کنڊر بڻجي وئي آهي رات دير سان شاگردن جي ٽن ڪلاس رومن ۽ ھيڊ ماستر جي آفيس جي ڇت مان چاپڙ ڪري پيا جنهن جي ڪري استادن ۽ شاگردن ۾ خوف پکڙيل آهي انهيَ سلسلي ھاء اسڪول ڪرمپور جي استادن عزيز شورو، سليم خواجه، اعظم ڪلمتي، عبدالرزاق بلوچ ۽ ٻين شاگردن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو آهي ته گذريل ڪافي وقت کان اسڪول جي زبون حالت آهي ڪمرن جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن استادن ۽ شاگردن جون زندگيَون خطري ۾ آهن ھنن چيو ته خوف حراس سبب شاگردن ۾ تعليم جو ماحول سخت متاثر ٿي رھيو آهي ھنن چيو ته ھن عمارت ۾ ڪنهن به وقت جاني نقصان ٿي سگهي ٿو ھنن سنڌ سرڪار ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ھاء اسڪول ڪرمپور جي مرمت ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.