پني عاقل لڳ پر اسرار نموني گم ٿيل ٻارڙي جو لاش کوهه مان هٿ

پنوعاقل  ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) صالحاڻي ڳوٺ مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻارڙي جو ٻن ڏينھن بعد مئل حالت ۾ ڦٽل کوھ مان لاش ھٿ،سلطانپور ٿاڻي جي حد صالحاڻي ڳوٺ ۾ رھندڙ 3 سالن جو معصوم نينگر اسماعيل ولد سعيد قاضي جيڪو گھر مان کيڏڻ بحاني نڪري ويو ھو،جيڪو 2 ڏينھن گم رھڻ کانپوءِ مسلسل ڳولھا بعد ڳوٺ جي ڦٽل کوھ مان معصوم نينگر جو لاش ھٿ ڪيو ويو،سلطانپور پوليس نينگر جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو،آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.