ڪراچي يونيورسٽي ۾ دهشتگردي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي  اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مٺا خان لاشاري پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪراچي يونيورسٽي اندر پيش آيل دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي استادن سميت ٻئي عملي مٿان ڪيل خودڪش حملو ملڪ خاص طور سنڌ ڌرتي جي امن امان کي تباه ڪرڻ جي سازش آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ تي قابض انگريز نواز غير جمهوري قوتن گذريل 70 سالن کان وڌيڪ عرصي دوران ملڪ کي ان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي جمهوري اصولن، سيڪيولر قدرن ۽ 1940 واري لاهور قرارداد جي ابتڙ هلائي ملڪ ۾ شامل آزاد، خودمختيار قومن جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن جنهن سبب ملڪ هن وقت تائين بحرانن مان نڪري نه سگهيو آهي. ملڪ کي 1940 واري قراررداد تحت هلائي بلوچستان جي وسيلن تي بلوچن، سنڌ جي وسيلن تي سنڌين، ڪي پي ڪي جي وسيلن تي پشتونن ۽ پنجاب جي وسيلن تي پنجابين جو حق تسليم ڪرڻ ذريعي ئي هڪ حقيقي وفاقي، جمهوري قدرن وارو ملڪ بڻائي سگهجي ٿو. سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي ملڪ جون قومي ٻوليون قرار ڏئي سموري ملڪ ۾ مٿي ڄاڻايل ٻولين جي ترقيءَ لاءِ ادبي ۽ سائنسي ادارا قائم ڪري، سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پشتو ۽ پنجابي ادب کي ترقي وٺرائڻ ذريعي ئي ملڪ ۾ آباد قوميتن کي پاڻ ۾ هڪ ڪري ملڪ کي ترقي جي راه تي سفر ڪرائي سگهجي ٿو. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ توڙي سموري ملڪ جو ڪو به ترقي پسند، انقلابي وطن دوست ماڻهو هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب رکندڙ پرامن سنڌ کي دهشتگردي جي ور چاڙهڻ نه ڏيندو. اسين سمجهون ٿا ته هڪ منظم رٿا تحت عالمي سامراج جي اشارن تي هلندي ڪجھ قوتون سنڌ جي شهرن خاص طور ان جي گادي واري هنڌ ڪراچي کي ٽارگيٽ بڻائي هڪ دفعو ٻيهر بدامني پکيڙي هتان جي اصلي رهاڪن لاءِ جيئڻ جنجال بڻائي رهيون آهن. عوامي تحريڪ هميشه پرامن جمهوري جدوجهد ۾ يقين رکيو آهي ۽ هن وقت به سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ڪيل اهڙي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.