بٺوري لڳ اغوا جي ڪوشش، مزاحمت تي عورت ۽ مڙس زخمي، احتجاج

ميرپوربٺورو (رپورٽ: شوڪت سومر)ميرپور بٺورو لڳ ڳوٺ تي هٿياربندن جي چڙهائي، عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي عورت ۽ سندس مڙس زخمي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، انهي سلسلي ۾  ميرپوربٺورو جي ڳوٺ ٻوٿڙو جي رهواسين هارون ماڇي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي هٿياربندن جي چڙهائي، ڳوٺ ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ عورت اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف هتي صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، انهي سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي زخمي نوجوان جي ڀاءُ هارون ماڇي چيو  ته گذريل رات دير سان هٿياربندن پاران سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سندس ڀاڄائي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي فائرنگ، لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي ڀاڄائي ۽ سندس ڀاءُ رمضان ماڇي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته هٿياربندن گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي، هن چيو ته زخمي زال مڙس هن وقت اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل آهن، هن چيو ته سندن ڳوٺ تي بنا جواز حملو ڪري جوابدارن خوف ۽ هراس ڦهلايو ۽ عورتن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته مزاحمت تي قتل جي ارادي سان سندس ڀاءُ کي زخمي ڪيو ويو آهي، هن اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.