ڪورنگي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

ڪورنگي ( رپورٽ : امير جان چانڊيو) ڪورنگي جي علائقي نمبر 5 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل ٿي ويو،  چورن جي خوف کان  ماڻهن جو گهرن مان نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي،  عوامي ڪالوني ۾ پوليس امن امان بحال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، ڪورنگي نمبر 5 آءِ جي ايريا ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن هڪ نوجوان جي گهر ٻاهران بيٺل نوجوان کان سندس موبائل فون ۽ نقدي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن مزاحمت ڪئي.  مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو،  عوامي ڪالوني پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڦر جي مزاحمت تي پيش آيو، واقعو ڪورنگي نمبر 5 آئي ايريا ويجهو پيش آيو، مقتول جي سڃاڻپ 25 ورهين جي ڪفايت الله ولد شاهه رخ عمر طور ٿي آهي،  پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي،  جوابدارن جي ڳولا پڻ جاري آهي، ذريعن اهو پڻ انڪشاف ڪيو آهي، عوامي ڪالوني پوليس پاران هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.