رمضان جي تمام راتين مان ليلة القدر جي افضل رات جي اھميت

تحرير: پروفيسر گل محمد سومرو

اسان مسلمانن لاءِ زندگي گذارڻ جو بھترين ۽ ڪامياب طريقو قرآن ۽ حديث جي مطابق عمل ڪرڻ آھي. قرآن مجيد خاتم النبين حضرت محمدﷺ جن تي نازل ٿيو. قرآن پاڪ آخري آسماني ڪتاب آھي جيڪو پوري عالم لاءِ نازل ڪيو ويو آھي. قرآن پاڪ ۾ جيڪي ڪجھ الله حڪم ڏنا، پاڻ سڳورنﷺ جن انھن مطابق عملي زندگي گذاري ۽ مسلمانن کي قرآن پاڪ مطابق عمل ڪرڻ جي تلقين فرمائي. پاڻ سڳورنﷺ جن جيڪي مسلمانن کي دين جي رستي تي ھلڻ جي تلقين فرمائي، انھن نصيحتن کي حديث  چيو ويندو آھي. ۽ پاڻ سڳورنﷺجي عملي زندگيءَ کي سنت مبارڪ چيو ويندو آھي. حديث مبارڪه ۾ ليلة القدر جي وڏي فضيلت ۽ عظمت بيان ڪئي وئي آهي ۽ اها رات ليلة القدر ان ڪري آهي جو ٻانهن جي رزق ۽ انهن جي زندگي و موت ۽ اهي واقعات ۽ امور جيڪي پوري سال ۾ واقع ۽ رونما ٿيڻ وارا هوندا آهن اهي سڀئي انهيءَ رات ۾ لکيا ويندا آهن، تنهن ڪري ان رات جو نالو ليلة القدر آهي. ۽ اڪثر اهل علم جو اهو خيال آهي ته اها رمضان المبارڪ جي ستاويهين جي رات آهي.

”حضرت عائشه صديقه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته ليلة القدر کي رمضان المبارڪ جي آخري عشري جي اِڪي راتين ۾ تلاش ڪريو.“ اهل علم ماڻھن جي نزديڪ رمضان المبارڪ جو آخري عشرو ايڪويهين جي رات کان شروع ٿيندو آهي. مهينو چاهي 29 ڏينهن جو هجي يا 30 ڏينهن جو هجي. انهيءَ حساب سان حديث شريف جو مطلب هي ٿيندو ته شبِ قدر جي تلاش 21 ــ 23 ــ 25 ــ 27 ــ 29 جي راتين ۾ ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن مهينو اڻٽيهن ڏينهن جو هجي تڏهن به آخري عشرو اهو ئي ٿيندو.

”حضرت عباده بن صامت رضه  کان روايت آهي ته ھڪ ڀيري پاڻ ڪريم ﷺ جن ان ڪري ٻاهر نڪري آيا ته جيئن اسان کي شبِ قدر جي باري ۾ اطلاع فرمائين مگر ٻن مسلمانن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي رهيو هو پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته آءُ ان ڪري آيو هيس ته توهان کي شبِ قدر جي خبر ڏيان مگر فلان فلان شخص جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي رهيو هو جنهن جي ڪري اُن جي تعيين کنئي ويئي، ڇا بعيد آهي ته اهو ختم ڪرڻ ۽ کڻڻ الله پاڪ جي علم ۾ توهان جي لاءِ بهتر هجي لهذا ان رات کي اڻٽيهين ۽ ستاويهين، پنجويهين ۽ ٽيويھين جي راتين ۾ تلاش ڪريو.“ هن حديث شريف ۾ ماڻهن جي جهڳڙي ڪرڻ جو ذڪر آيو آهي انهن جي باري ۾ بعض ماڻھن جو خيال آهي ته انهن مان هڪ جو نالو عبدالله بن ابي حذ روا ۽ ٻئي شخص جو نالو ڪعب ابن مالڪ هو. حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته “شب قدر جي تعيين کنئي ويئي” ان جو مطلب هي آهي ته انهن ٻنهن ماڻهن جي جهڳڙي جي ڪري شبِ قدر جي تعيين جو علم منهنجي ذهن مان ختم ڪيو ويو ۽ وسرايو ويو، ان مان معلوم ٿيو ته پاڻ ۾ وڙهڻ، منافقت ۽ دشمني اختيار ڪرڻ بيحد بري ۽ خراب ڳالهه آهي ان جي ڪري ماڻهون برڪتن ۽ ڀلاين کان محروم ٿي ويندو آهي. حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ”شايد توهان جي لاءِ اهو ئي بهتر هوندو. ان جو مطلب هي آهي ته شبِ قدر جي باري ۾ جيڪو متعين طور تي مون کي ٻڌايو ويو هيو ۽ هاڻي مون کان اها وساري ويئي آهي اگر آءُ توهان کي ٻڌايان ها ته توهان سڀ صرف انهيءَ رات تي ڀروسو ڪري ويهي رهو ها. هاڻي ان جي تعيين جو علم نه هجڻ جي صورت ۾ توهان سڀ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪندا رھو، جيڪا اوهان جي لاءِ بهتر آهي.

”حضرت عائشه صديقه رضه کان روايت آهي ته جڏهن رمضان المبارڪ جو آخري عشرو شروع ٿيندو هيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي گوڏ کي مضبوط ٻڌندا هئا ۽ رات جو جاڳندا هئا (يعني پوري رات عبادت ۽ ذڪر و دعا ۾ مشغول رهندا هئا) ۽ پنهنجي گهر جي ماڻهن (يعني ازواج مطهرات ۽ ٻين متعلق ماڻهن) کي به جاڳائيندا هئا (ته جيئن اهي به انهن راتين جي برڪتن ۽ سعادتن ۾ حصو وٺن). ھڪ حديث شريف مطابق ته رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۽ ڏهاڪي ۾ عبادت واطاعت حد کان زياده ڪندا هئا ڇو جو انهيءَ عشري ۾ ليلة القدر جي عظيم سعادت حاصل ٿيندي آهي. ”حضرت عائشه صديقه رضه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي آخري عشري (ڏهاڪي) ۾ عبادت وغيره ۾ اها مشقت برداشت ڪندا هئا جيڪا ٻين ڏينهن ۾ نه ڪندا هئا.“

ليلة القدر جي تعين جي باري ۾ روايتون گهڻيون مختلف آهن، تنهن ڪري اهلِ علم ماڻھن جا به انهيءَ جي باري ۾ گهڻا رايا آهن. پاڻ ڪريم ﷺ جن ان جي متعلق مختلف راتين ۾تلاش ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ ڪجهه سالن ۾ متعين طور تي به ارشاد فرمايو. يعني مختلف صحابه ڪرام جن مختلف راتين جي تعيين کي نقل فرمايو آهي جيئن ته مختلف روايتن مان اها ڳالهه واضح ٿي رهي آهي. اڪثر صحابه ڪرام ۽ اهلِ علم جي راءِ اها آهي ته اها رات ستاويهين جي هوندي آهي. ھڪ حديث شريف ۾ شبِ قدر جي هڪ علامت ۽ نشاني اھا بيان ڪئي وئي آهي ته جنهن رات ۾ شبِ قدر هوندي آهي ته ان جي صبح جو جڏهن سج اڀرندو آهي ته ڪجهه دير تائين ان ۾ شعاعون نه هونديون آهن ۽ ان جي روشني گهٽ هوندي آهي مطلب ته اها علامت ۽ نشاني اهڙي آهي جنهن جي واقع ٿيڻ ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ۽ ان جو مشاهدو با آساني ڪري سگهجي ٿو.

”حضرت انس رضه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جڏهن شبِ قدر هوندي آهي ته حضرت جبرائيل عه فرشتن جي هجوم ۾ نازل ٿيندو آهي ۽ هر انهيءَ ٻانهي جي لاءِ رحمت جي دعا ڪندو آهي جيڪو بيٺو هوندو آهي (يعني نماز پڙهندو آهي يا بيت الله جو طواف ڪندو هوندو آهي يا ڪا ٻي عبادت ڪرڻ ۾ مشغول هوندو آهي يا ويٺي ويٺي الله پاڪ جي ياد ۽ ان جي ذڪر ۾ مشغول هوندو آهي.“ ”حضرت ابو هريره رضه  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته جيڪي ماڻهون رمضان المبارڪ جا روزا ايمان ۽ احتساب سان رکندا ته انهن جا اڳيان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهون ايمان ۽ احتساب سان رمضان المبارڪ جي راتين ۾ تراويحون پڙهندا ته انهن جا به اڳيان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهون شبِ قدر ۾ ايمان ۽ احتساب سان نفل نماز پڙهندا ته انهن جا به اڳيان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا.“ ”حضرت ابو سعيد خدري رضه  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي پهرئين عشري ۾ اعتڪاف فرمايو ۽ پوءِ وري ٻئي ڏهاڪي ۾ به اعتڪاف فرمايو پوءِ تُرڪي خيمي مان جنهن ۾ اعتڪاف فرمائي رهيا هئا ٻاهر منهن مبارڪ ڪڍي ڪري ارشاد فرمايائون ته مون پهرئين عشري جو اعتڪاف شبِ قدر جي تلاش ۽ اهتمام جي ڪري ڪيو هيو، پوءِ انهيءَ جي ڪري ٻي عشري ۾ اعتڪاف ڪيو، پوءِ مون کي ڪنهن ٻڌائڻ واري (يعني فرشتي) ٻڌايو ته اها رات آخري عشري ۽ ڏهاڪي  ۾ آهي لهذا جيڪي ماڻهون مون سان گڏ اعتڪاف ۾ ويٺل آهن اهي آخري عشري جو به اعتڪاف ڪن مون کي اها رات ڏيکاري وئي هئي پوءِ مون کان وسرائي ۽ ڀُلائي وئي. (ان جي علامت هي آهي) ته مون پنهنجو پاڻ کي ان رات کان پوءِ واري صبح ۾گپ ۾ سجدو ڪندو ڏٺو. لهذا هاڻي ان کي آخري ڏهاڪي جي اِڪي راتين ۾ تلاش ڪريو. راوي (حديث کي روايت ڪرڻ وارو) چوي ٿو ته انهيءَ رات  ۾ بارش ٿي ۽ مسجد شريف ڇپر جي ٺهيل هئي ۽ اها ٽِمي هئي ۽ مون پنهنجين اکين سان پاڻ ڪريم ﷺ جن جي پيشاني مبارڪ تي گپ جو اثر ۽ نشان اڪويهين (21) تاريخ جي صبح جو ڏٺو.“

اعتڪاف ۾ ويھڻ ۽ عبادت جون برڪتون، رمضان جي آخري ڏھاڪي (عشري) ۾ اعتڪاف ۾ ويھڻ ۽ الله جي عبادت ڪري ان کي راضي ڪرڻ ھڪ افضل عبادت آھي. اسان کي به جيڪڏهن هر سال نه سهي گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ ۾ هڪ ڀيري زندگيءَ جي ان افضل عبادت کي  ادا ڪرڻ جو موقعو ملي  ته موقعي مان ضرور فائدو حاصل ڪيون. ان  مهيني ۾ اعتڪاف جا کوڙ فائدا آهن.  اعتڪاف جي برڪت سان ڪجهه فرض علوم جي ڄاڻ ٿيندي آهي . اعتڪاف جي برڪت سان قرآنِ ڪريم درست مخرجن سان گڏ پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي  اعتڪاف جي برڪت سان درست نماز پڙهڻ سکي سگهجي ٿي.  اعتڪاف جي برڪت سان ڪيتريون ئي سنتون ۽ آداب سکي سگهجن ٿا، اعتڪاف جي برڪت سان گناهن کان بچي سگهجي ٿو. اعتڪاف جي برڪت سان نمازن جي پابندي نصيب ٿيندي آهي.  اعتڪاف جي برڪت سان هر وقت نماز جي انتظار جو ثواب حاصل ڪري سگهجي ٿو، اعتڪاف جي برڪت سان عبادت ڪرڻ جا ڪيترا ئي موقعا ملندا آهن.  اعتڪاف جي برڪت سان عاشقانِ رسول سان گڏ اٿڻ ويهڻ نصيب ٿيندو آهي.  اعتڪاف جي برڪت سان نيڪ ماڻهن جي صحبت نصيب ٿيندي آهي. اسان کي گھرجي ته مسلمان ھجڻ جي ناتي پاڻ سڳورن ﷺ جن جي سنتن مطابق عملي زندگي گذارڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪيون، الله جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ سان ئي ھن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن ٿي سگھي ٿي. ان ڪري رمضان جو بابرڪت مھينو اسان مسلمانن لاءِ تمام گهڻي اھميت رکي ٿو. خاص طور تي رمضان جو آخري ڏھاڪو. ان لاءِ ان آخري ڏھاڪي ۾ ليلة القدر جي تلاش ڪرڻ ۾ آخري ڏھاڪي ۾ عبادت ڪرڻ، الله جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ حضرت محمدﷺ جن جو سچو امتي ثابت ٿيڻ لاءِ بھتر آھي ته رمضان جي آخري ڏھاڪي ۾ اعتڪاف ۾ ويھي عبادت ڪري الله جو قرب حاصل ڪجي ته ان کان وڌيڪ بھترين ڪو ٻيو عمل نه آھي. دعا آھي ته الله اب العزت اسان تمام مسلمانن کي دين جي رستي تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.