محمد علي پٺاڻ جي شعري مجموعي ”گھائي ٿي تنھائي“ تي مختصر ويچار

تحرير: وحيد محسن

محمد علي پٺاڻ  ڪھاڻيڪار ۽ شاعر جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ سڃاتو وڃي ٿو ان جا ڪجھه ڪتاب اردو ۾ به ترجمو ٿيا آهن ۽ انگريزي ترجمي ۾ ھڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي ۽ ھڪ ڪوتا ناول به لکيو آهي جنهن جو پڻ اردو ترجمو شايع ٿي چڪو آهي .

محمد علي پٺاڻ تسلسل سان تخليقي عمل ۾ رهي ٿو ۽ شاعري ھن جي وجود ۾ رقص ڪندي آهي. ھن جا نازڪ نفيس خيال ڪتاب ”گھائي ٿي تنھائي“ ۾ موجود آهن .

ھن ڪتاب ۾ ڪووڊ 19 جي حوالي سان به شاعري شامل آهي ۽ شاعر پنهنجي ڪيفيت کي وقت جي آڌار تي تخليق ۾ عيان ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل بيت، دوھا، وايون، گيت، ٽيڙو، چوسٽا، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، غزل، نئين صنف انڊلٺ، مخمس ۽ مسدس مطالعي لاءِ مليا .

محمد علي پٺاڻ مھا ٻوڏ جي حوالي سان بيت، ڪووڊ 19 جي حوالي سان تخليقون لکي موضوعاتي شاعري ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. اھا شاعري تاريخي حوالي سان وقت جي ڄاڻ مھيا ڪري ٿي ۽ تخليقڪار جي احساس  کي به عيان ڪري ٿي .

ھن جون وايون جديد سنڌي شاعري ۾ پنهنجي خوبصورتيءَ جو انوکو ڏيک آهن ۽ ان ۾ اظهار جي نفاست روح ۾ لھي  وڃي ٿي !

وائي جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو

 

مانگر آ مڇريل،

اڄ به ڪراچيءَ ۾ —

مورڙي ڀائرن تي ،

ڏاڍو آ  ڏمريل ،

اڄ به ڪراچيءَ ۾ —

علامت نگاري شاعري جو حسن ھوندي آهي ۽ فڪري  گھرائي تخليق کي عيان ڪري ٿي مٿئين وائي ۾ ماضي ۽ حال کي ڏسندي شاعر گھري سوچ سان وائي تخليق ڪئي آهي .

نموني طور ھڪ گيت ڏيان ٿو جنهن ۾ شاعر اڪيلائي جي گھاو کي ڪيئن محسوس ڪيو آهي يا ان درد جي شدت ڪيتري آهي ۽ شاعر جو محبوباڻو  انداز سھڻو آهي !

گھائي ٿي تنھائي ڙي،

پل به پرينءَ کان ڌار نه ٿيان شل ،

ساڻ ھجي ٿي، مست ھوائون ،

جھومي  ڳائن  شوخ  ادائون،

اوندھ   ۾  به  سھائي  ڙي،

گھائي  ٿي  تنھائي   ڙي —

محمد علي پٺاڻ نت نوان خيال کڻي اچي ٿو، ان جي سوچ جو محور زندگي آهي ۽ پيار جو اھڙو پيچرو آهي جتي نينهن وارا چاھ جي ڀاڪر ۾ وڪوڙجي  وڃن ٿا ان جي غزل جو رنگ به مخمور ڪري ٿو سندس ھڪ غزل جي مطلع اوھان  جي مطالعي لاءِ ڏيان ٿو .

ھڪ گھڙي پاسائتي، ھوءَ جو گڏ گھاري وئي،

ننڊ  کي  تيلي  ڏئي،  جاڳ کي  ٻاري  وئي  !

مجموعي طور سندس ڪتاب شاعري جي انڊلٺ  آهي جنهن ۾ خوبصورت رنگ سمايل آهن ۽ محمد علي پٺاڻ انهن رنگن کي پنهنجي ادراڪ  سان وکيريو آهي جيڪي ذهن تي دستڪ ڏين ٿا ۽ خيال جا پاڇا وجود ۾ رھجي  وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.