چانڊڪا اسپتال کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي…..

تحرير: نثار کوکر جي پوسٽ

چانڊڪا اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ بابت وزيراعلي سيد مراد علي شاهه جو بيان ائين آهي جيئن ڪو همراهه دانهن ڪري ته سائين سيوهڻ وارو روڊ خراب آهي ته انکي چئجي بابا فڪر نه ڪريو اسان لڳا پيا آهيون ته سيوهڻ کان آمريڪا تائين ڪو بهتر روڊ ٺاهيون….

چانڊڪا اسپتال 1400 بسترن تي ٻڌل شاندار اسپتال آهي. جنهن ۾ ڪو سٺو هيلٿ مينيجمينٽ جو آفيسر مقرر ڪيو. من پسند ٺيڪيدارن کي ڪم ڏيڻ بند ڪيو. هر ڇهين مهيني جعلي مرمت جا ڪم بند ڪرايو. بجلي جو ايڪسپريس فيڊر ڏيو ۽ جنريٽر ٺيڪ ڪرايو ته رزلٽ توهان جي سامهون هوندي.

باقي صحافي دوست حميد سومري کي دلاسو ڏيڻ سولو آهي ته سائين لاڙڪاڻي ۾ نئين اسپتال ٿا ڏيون. سوال اهو آهي ته اها اسپتال به ٺيڪي تي ڪنهن جيالي جي حوالي هوندي ته ڇا ڪندا……

وري ڪا ٽين نئين اسپتال تعمير ڪرائيندا…. سو لاڙڪاڻي کي ڪا نئين اسپتال ڏيڻ کان اڳ ۾ چانڊڪا اسپتال کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.