موسمياتي تبديلين جا معاشي اثر

موسمياتي تبديلين جي معاشي اثرن بابت ٿيل تازي تحقيق مان پتو پيو آهي ته ماحولياتي تبديلين سبب عالمي جي ڊي پي جو 4 فيصد تائين حصو متاثر ٿي سگهي ٿو. غريب ملڪن جو معاشي نقصان امير ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿيندو. خاص طور تي زراعت تي دارومدار رکندڙ معيشتون وڌيڪ متاثر ٿينديون. جڏھن ته ڏکڻ ايشيا ۾ جي ڊي پي جو 10 کان 18 فيصد حصو متاثر ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. رپورٽ مطابق پاڪستان جو ڳاڻيٽو امڪاني طور جھنگلي باهه، ٻوڏ، طوفان، پاڻي جي کوٽ سبب شديد متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو.

علي اڪبر هنڱورجو جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.