بلوچن جي مزاحمت جا ڪارڻ

بلوچ، چين جي خلاف ان ڪري آھن ته: بلوچستان اگسٽ 47 کان پوءِ به آزاد ملڪ رھيو آھي، ھو مسلسل مزاھمت ڪندا رھيا آھن. 22 سال اڳ بگٽي اڪبر، مشرف دور ۾ ھٿيار بند ويڙهه لاءِ جبلن تي وڃي مزاھمت ڪيائـين، چين مشرف جي مدد ڪندي سيٽ لائـيٽ سان جبل اسڪين ڪري اڪبر بگٽي جو غار ٽريس ڪري ڏنو، مشرف کيس بمن سان ماري وڌو .

چين، بلوچن جو سامونڊي بندرگاھ گوادر، ٺيڪي تي کڻي ان جي مسواڙ مان لاھور ۾ ڪارخانا ۽ شھر ۾ سرڪيولر ريل نظام ٺاھي پيسا لاٿا آھن. سندڪ بلوچستان ۾ سون جون کاڻيون 1980 کان چين حوالي جنھن مان ڪيترائـي ٽن سون چين کوٽائـي ڪري کڻي ويو آھي، جنھن جو پيسو بلوچستان کي نه مليو آھي. بلوچن جي عوام شھري سھولتون نه ھجڻ اسڪول تعليم نه ھجڻ پيئڻ جو پاڻي نه ھجڻ غربت ڪري اڪثريت خانه بدوش رھن ٿا انھن جون عورتون رڍن جي ڌڻن پويان ٻار ڪانبي ۾ ٻڌي سنڌ لڏ پلاڻ ڪري سياري پاري ۽ ھاڙ گرمي ۾ کيڙين ۾ ولھ ۾ ھجن ٿا. ھنن کي خبر آھي ته ڪراچي بندرگاھ وانگر ڌاريا کين والاري ويندا. بلوچن چواڻي چين مفاد خاطر بلوچستان ۾ سولين مٿان فوجي آپريشن ڪرائـڻ ۾ مدد ڏئـي رھيو آھي ھنن جا ٻيا گھڻا مسئـلا آھن.

غلام مصطفيٰ شر جي پوسٽ

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.