يوم القدس  مظلوم فلسطينين جي  حمايت ۾ عالمي ڏهاڙو آھي

تحرير: مسرور سيال

1917ع ۾ پهرين جنگِ عظيم لڳي ٿي، انگريز بيت المقدس ۽ فلسطين  تي قبضو ڪري وٺن ٿا . يهودين کي آباد ٿيڻ جي عام اجازت ڏني وجي ٿي 1947ع ۾ گڏيل قومن جو ادارو يهودين نصارا جي سازش هيٺ هڪ تاريخي ڌانڌليءَ سان فلسطين کي عربن ۽ يهودين ۾ تقسيم ڪري ڇڏي ٿو.  اهڙي طرح 14 مئي 1948 ع تي يهودي اسرائيل جي بنياد وجھڻ  جو باضابطه اعلان ڪن ٿا .اھو ئي سبب ھو جو عرب يهودي جنگ لڳي وئي يهودين اسرائيل جي 78 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري ورتو يروشلم ۽ بيت المقدس توڙي ڀرپاسي وارن علائقن تي اردن قابض ٿيو

جون 1967ع ۾ ٽين عرب اسرائيل جنگ لڳي جنهن ۾ اسرائيلين يروشلم ۽ بيت المقدس تي قبضو ڪري ورتو اهڙي نموني قبلِ اول بيت المقدس اڄ سوڌو يهودين جي قبضي هيٺ آهي ۽ اسرائيل هتي ئي پنهنجو دارالحڪومت جوڙي ڇڏيو آهي . اسرائيل جيڪو هن وقت دنيا جي وڏي خطرناڪ طاقت بڻجي چڪو آهي جيڪو عربن کي تقسيم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اسرائيل جي دنيا جا سمورا طاقتور ملڪ مدد ڪندا رهيا آهن . هن وقت  اسرائيل اهو ٻه منهون نانگ بڻجي ويو آهي جيڪو ڪنهن جي وَٺَ ۾ نٿو اچي اسرائيل عرب جنگ جو رخ تبديل ڪري فلسطين اسرائيل ويڙھه  بڻايو  ۽ عرب هٿ ڪڍي ويا . ڪيترن مسلمان ملڪن ۾ اسرائيل جا سفارتخانا پڻ موجود آهن اصل ۾ هيءَ جنگ مسلمانن ۽ يهودين جي وچ ۾ هئي پر يهودين جي پاليسي موجب هن جنگ کي عرب ، اسرائيل بڻايو ويو ته جئين مسلمان ملوث نه ٿي سگھن. عرب اسرائيل لاءِ سولا سهنجا هئا جنهن جو ئي نتيجو آهي مُني صدي کان اسرائيل قابض آهي ۽ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو پيو وڃي.

فلسطين کي محدود ڪيو ويو آهي، جھڙي طرح فلسطين جي جدوجھد جا رخ تبديل ڪري ان کي ڪمزور ڪيو ويو آهي اهڙي طرح  مسلمانن جي خاموشي بيت المقدس تان به هٿ کڻي ويل نظر اچي رهيا آهن، ان کي  نظر ۾ رکندي جڏهن 1979ع ڌاري  ايران ۾ اسلامي انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ امام خميني جي حاڪميت قائم ٿي ته امام خميني رمضان جي هر آخري  جمعي کي عالمي يوم القدس طور ملهائڻ جو حڪم ڪيو ته جئين مسلمانن کان بيت المقدس ۽ فلسطين جي مظلوميت نه وسري ۽ دشمن کي به اِها خبر هجي ته مسلمان کانئن غافل ناهن يوم القدس ڏهاڙو دنيا جي وڏي مان وڏي ڏهاڙي جي اهميت وٺي چڪو آهي. هن ڏهاڙي تي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ يوم القدس جا جلوس ڪڍيا وڃن ٿا سيمينار . مذاڪرا منعقد ڪيا وڃن ٿا ائين محسوس ٿيندو آهي ته اسرائيل بيت المقدس تي اڄ ئي قبضو ڪيو هجي ۽ مسلمان جاڳي پيا هجن هي ڏينهن مظلومن جي بيداري ۽ فلسطين جي جدوجھد کي ماٺار کان بچائڻ جو اڪيلو رستو آهي.

جيتوڻيڪ امام خميني هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر سندس حڪم اڄ به زنده تابنده آهي ايران جيڪو هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏو اسرائيل جو حريف آهي ۽ اسرائيل سڀ کان وڌيڪ خطرو ايران کي سمجھي رهيو آهي. جنهن سبب ئي ايران اسلامي انقلاب کان مسلسل عالمي پابندين سان منهن ڏيندو پيو اچي. ان باوجود ايران  فلسطين جي مظلومن سميت دنيا جي مظلومن وارين تحريڪن جي مدد ڪندو پيو اچي ۽ مقابلي ۾ جديد هٿيارن سميت ائٽمي قوت بڻجڻ وارن مرحلن ۾ ڪاميابي ماڻي دنيا جي طاقتور ملڪن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

امام خميني جا اهي جملا مسلمانن جي ڪمزوريءَ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته "دنيا جا مسلمان رڳو هڪ هڪ بالٽي پاڻي جي ڀري اسرائيل مٿان اڇلائن ته جيڪر اسرائيل ٻڏي وڃي” …… پر افسوس ته مسلمان ملڪ ۽ خاص ڪري عرب ملڪ جن عياشين ۾ آهن کين ڪجھه به نظر نه ٿو اچي،  جي نظر اچي ٿو ته پنهنجي  اقتدار خلاف خطرو ۽ جنهن کي ٽارڻ لاءِ اسرائيل جي موساد ، آمريڪا جي  آءِ سي آءِ کان مدد وٺي اهڙا خطرناڪ جھادي تيار ڪري انهن جي مدد ڪرڻ آهي جيڪي هاڻ طالبان ، القاعده ، داعش ، بوڪوحرام جي  صورت ۾ موجود آهن . هي اُهي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي هڪ يهودي ، عيسائي ، نصراني جي حيثيت ۾ نه ڪري سگھِيا آهن . اُهو ڪم مسلمانن جي روپ ۾ پنهنجي تيار ڪيل اهڙن گروپن کان ڪرائي رهيا آهن بيت المقدس جي آزاديءَ جو نعرو،  مطلب رڳو مسجد جي آزادي ناهي پر مڪمل فلسطين جي اصل حالت ۾ آزادي آهي ۽ دنيا ۾ سمورن مظلومن ، محڪومن جي آزادي جو نالو آهي ان ڪري ته اسرائيل اُهو غاصب  آهي جنهن جي شر جي ڪري ئي دنيا بد امني جي ور چڙهيل آهي. ان ڪري ضرورت آهي ته مظلومن جي هن تحريڪ واري ڏهاڙي يوم القدس کي بنا ڪنهن مذهب ، نسل ، رنگ جي ملهايو وڃي ۽ مظلومن جي حمايت جو  حصو بڻجي مظلومن کي طاقت بخشي وڃي .

اڄ جڏهن  اسرائيل پنهنجي رٿا بنديءَ ۾ ڪامياب نظر اچي رهيو آهي عربن کان فلسطين ۽ بيت المقدس  جي اهميت وڃائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اسلامي ملڪن ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏياري دهشتگردن جا خطرناڪ ٽولا جوڙي گھرو ويڙهاند ڪرائي رهيو آهي، اتي سندن اهم رٿابندي  جو حصو شام کي تباھه ڪرڻ هو سو اُهو به واضع نظر آيو .  اهڙي طرح هر ان اسلامي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي جيڪو سندن مخالف آهي  دنيا ۾ اسرائيل جو وڏي ۾ وڏو مخالف ايران آهي جيڪو دنيا ۾ اسرائيل مخالفن جي مدد ۽ نصرت پڻ ڪري رهيو آهي  ان خلاف اسرائيل جي پاليسي سعودي ۾ آلِ سعود جي ذريعي نظر اچي رهيو آهي سعودي جيڪو ايران مخالف طور سامهون آيو آهي يمن ، بحرين سميت پنهنجي ملڪ جي شيعه آبادين خلاف ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون آهن . ھي سڀ ڪجھه اسرائيلي رٿا آھي جنھن تي عمل ڪيو پيو وڃي .

دنيا ۾ وڏي ۾ وڏيون ڪمپنيون يھودين جون آھن جيڪي اسرائيل کي سپورٽ ڪري رھيون آھن اُھي ڪمپنيون اسلامي ملڪن ۾ پنھنجو وڏو اثر رکن ٿيون ۽ اتان وڏو ناڻو ڪمائي رھيون آھن . جيتوڻيڪ دنيا ۾ گھڻا ملڪ اسلامي آھن جن جو تعداد 55 آھي پر فلسطين تنھا آھي . 55 ملڪ گڏجي جيڪڏھن فلسطين جي اخلاقي ، مالي مدد ڪن ته فلسطين محرومين مان نڪري سگھي ٿو.  پر افسوس جو فلسطين کي خود عرب ملڪن جي به اھا مدد حاصل ناھي جيڪا ھئڻ گھرجي .

يوم القدس عالمي سطح تي فلسطين جي مظلوميت ۽ نصرت مدد لاءِ واحد رستو آھي .ھر سال مضبوط طريقي سان آواز بلند ڪيو وڃي ٿو . رمضان مھيني ۾ ئي  خاص ڪري  اسرائيل بيت المقدس ۾ عبادت ڪندڙ مسلمانن مٿان ظلم ستم ڪري ٿو فائرنگ ڪري ، شيل ھڻي کين رتو رت ڪري ڇڏي ٿو پر دنيا جون طاقتون ان تي خاموش نظر اچن ٿيون ته وري مسلمان ملڪ به ان خاموشيءَ جو شڪار بڻيل ھوندا آھن . تنھن ھوندي يوم القدس جي جلوسن ۾ عوام جي شرڪت ثابت ڪري ٿي ته عوام مظلومن جي حمايت ۾ گڏ آھي ڀل حڪمران ان حمايت جو حصو نه به بڻجندا ھجن . ھي يوم القدس جون ريليون ، احتجاج ثابت ڪن ٿا ته مظلوم جي حق ۾ ھر دور ۾ مظلوم ئي ميدان تي ايندا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.