پيپلز پارٽي تي سنڌين جي ڪاوڙ جا سبب

تحرير: عاجز جمالي

سنڌ ۾ لاڳيتو پيپلز پارٽي جي ٽين سرڪار مڪمل اختيارن سان اقتدار جا مزا ماڻي رھي آھي. چوڏھن سالن کان لاڳيتي سرڪار ھجڻ سبب ملڪ ۾ اھو تاثر مضبوط ٿيو آھي ته پيپلز پارٽي سنڌين جي پارٽي آھي. اھو ھڪ الڳ بحث آھي ته 2008 کان وٺي 2018 تائين ۽ ان کانپوءِ گذريل ساڍن ٽن سالن تائين اقتدار ۾ رھڻ لاءِ پيپلز پارٽي پاڪستان جي اسٽبلشمنٽ سان ڪھڙي حد تائين مفاھمت ۽ مصلحت جي پاليسي تحت سوديبازيون ڪيون ھونديون پر ھڪ شاطرانه رانديگر طور ھنن سنڌ ۾ پنھنجي اقتدار کي بچائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اسين جن چوڏھن سالن جو ذڪر ڪري رھيا آھيون ان دور جي پيپلز پارٽي نه ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور جي پارٽي آھي نه ڪي بينظير دور جي پارٽي آھي پر ھي آصف زرداري جي دور جي پارٽي آھي.

پيپلز پارٽي جي تاريخ تي نظر وجھون ٿا ته ھي پيپلز پارٽي جي سياست جو ٽيون دور آھي جنھن ۾ ھر دور گذريل دور کان مختلف آھي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان بينظير ڀٽو جي سياست جو دور مختلف ھئو ۽ اڄ جو دور بينظير ڀٽو جي دور کان مختلف آھي. اھا ڪا نئين ڳالهه به ناھي ھر دور جي سياست پنھنجي وقت جي حالتن ۽ زميني حقيقتن مطابق ٿيندي آھي. ذوالفقار علي ڀٽو جي اسلامي سوشلزم ۽ اٽو، لٽو، اجھو جي نعري سان اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي ڀٽو دور ۾ ئي تبديل ٿي چڪي ھئي جڏھن 1973 جي آئين جو مرحلو آيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي آئين منظور ڪرائڻ لاءِ ملڪ تي اسلامي جمھوريه پاڪستان جو رنگ غالب ڪرڻو پيو. جنھن ۾ قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ تاريخ ۾ سندس وڏي غلطي قرار ڏني وئي. سندس ٻي غلطي نعپ جي حڪومت ختم ڪرڻ. بلوچستان ۾ آپريشن کي جاري رکڻ قرار ڏني وئي جنھن جو اعتراف بعد ۾ خود ذوالفقار علي ڀُٽي پاڻ به ڪئي سو سندس حياتي ۾ ئي 1970 جي دور جي پيپلز پارٽي بدلجي چڪي ھئي 1977 تائين ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽي مان ترقي پسند۔ لبرل۔ قوم پرست اڳواڻ سائيڊ لائين ٿي چڪا ھئا، پارٽي تي ڀوتارن، سردارن، چوڌرين جو ڪنٽرول مضبوط ٿي چڪو ھئو. ڀوتار تڏھن به اسٽبلشمنٽ جا ڳيجھو ھئا اڄ به ڳيجھو آھن ڇوته کيس صرف اقتدار جو نشو گھرجي ۽ ھن ملڪ ۾ اھڙو نشو تيار ڪندڙ فئڪٽري جو ڪنٽرول پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين سگھارين ڌرين وٽ رھي آھي. اھو ئي وڏو ڪارڻ آھي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري کان وٺي ڦاسي تائين 21  مهينن تائين ڀوتارن ڪابه عوامي تحريڪ منظم ڪرڻ بدران عوام کي انتظار ۾ رکيو ته ڀٽو جلد آزاد ٿيندو.

ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاھي بعد نوجوانن پاران خودڪشيون ڪرڻ يا الذوالفقار جھڙي تنظيم جو ٺھڻ ان دور جي فرسٽريشن کي ثابت ڪري ٿو جيڪڏھن ڀُٽي جي آزادي لاءِ ڪا وڏي عوامي تحريڪ ھلي ھا ته سماج ۾ ايڏي وڏي فرسٽريشن جنم نه وٺي ھا نه جنرل ضياء 11  سالن تائين حڪمراني نه ڪري سگھي ھا. ان بعد بيگم نصرت ڀٽو پيپلز پارٽي جو ڪمان سنڀالي ٿي.  بينظير ڀٽو جي عملي سياست شروع  ٿئي. ياد رھڻ گھرجي ته بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي جي شريڪ چئيرپرسن ھئي کيس پارٽي جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ پنھنجي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو کي به سائيڊ لائين ڪرڻو پيو ڇوته بيگم نصرت ڀٽو نه پئي چاھيو ته پارٽي ۾ اھڙن ماڻھن جو ڪردار ھجي جن ذوالفقار علي ڀٽو جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ بدران جنرل ضياء جي خوشنودي حاصل ڪئي ھئي. پر بينظير ڀٽو پنھنجي دور مطابق سياست جو رستو اختيار ڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ کان وٺي جلاوطني ان بعد 1986 ۾ لاھور جي سرزمين تي لکين ماڻھن جي استقبال سان ھن سياست ۾ داخل ٿي پنھنجو ڌاڪو ڄمايو. ھو پھرين عورت وزير اعظم بڻجي وئي کيس به پاڪستان جي اسٽبلشمنٽ سان گڏ ھلڻو پيو. 1990 جي اقتدار جو ڏھاڪو بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي ڇڪتاڻ جو دور رھيو ان دور ۾ ھي ٻئي وڏا سياست اسٽبلشمنٽ ھٿان ھڪ ٻئي خلاف استعمال ٿيندا رھيا. ھڪ ٻئي جا جاني دشمن بڻيا رھيا نيٺ اقتدار تي سولين ڪنٽرول ختم ٿي ويو سڌي ريت اقتدار تي قبضو ڪيو ويو.

بينظير ڀٽو جي شھادت بعد پيپلز پارٽي جو ٽيون دور شروع ٿئي ٿو جڏھن پارٽي جو ڪمان مڪمل طور تي آصف زرداري سنڀالي ورتو. بينظير جي شھادت بعد پارٽي جو سڀ کان وڏو ليڊر مخدوم امين فهيم ھئو جنھن کي وزير اعظم بڻائڻ جو اعلان ڪرڻ باوجود اقتدار ملڻ بعد کيس سائيڊ لائين ڪيو ويو پر مرحوم زندگي جي آخري گھڙين تائين پيپلز پارٽي سان بيٺو رھيو. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته پيپلز پارٽي جو ٽيون دور 2008 کان پاڪستان کپي جي نعري سان شروع ٿئي ٿو جيڪو اڄ تائين جاري آھي. ھن نئين دور جي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ چوڏھن سالن کان سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل آھي. اقتداري ڌرين وٽ ڀلي پيپلز پارٽي سنڌين جي پارٽي جو ڏيک ڏيندي ھجي پر ان جو اھو قطعي مطلب ڪونھي ته سنڌين پيپلز پارٽي کي سنڌ لکي ڏنو ھجي جيڪو وڻيس ڪري. اھو ٺيڪ آھي ته سنڌي پاڪستان جي موجوده انتظامي ڍانچي ۾ رھڻ چاھي ٿو ھڪ مضبوط جمھوري معاشري ۾ سنڌي قوم عزت، آجپي، خودمختياري ۽ پنھنجي وسيلن تي مڪمل اختيار سان گڏ رھڻ چاھي ٿي  پر پيپلز پارٽي جي اقتداري مصلحتن سبب سنڌي قوم کائنس سخت ناراض آھي ممڪن آھي ته اسٽبلشمنٽ سان سوديبازين جي نتيجي ۾ اقتدار ته ملي وڃي پر عوامي سگھه نه ھجڻ سبب اقتدار کسجڻ ۾ دير نه لڳندي آھي جنھن جو تازو مثال عمران خان آھي.

سنڌي ڇو پي پي مخالف آھن؟

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفن جا ڪيترائي قسم آھن. جن ۾ ڪجھه روايتي نظرياتي سياسي مخالف آھن. مثال طور قوم پرست، مذھبي جماعتون ۽ روايتي سياسي پارٽيون مسلم ليگ فنڪشنل، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ وغيره. جن ۾ نظرياتي سياسي مخالفن جو وجود روز اوّل کان موجود آھي جن ۾ سائين جي ايم سيد جا سياسي پوئلڳ  ھجن يا بعد ۾ جنم وٺندڙ سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ  وغيره شامل آھن پر سنڌين جون ھي سموريون جماعتون ھڪ پريشر گروپ يا اسٽريٽ پاور جي صورت ۾ مخالف ضرور رھيون پر سندس اقتداري سياست کي ڪڏھن به ڌڪ نه ھڻي سگھيون. ان جي ڀيٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو دور کان وٺي اڄ تائين مسلم ليگ فنڪشنل يا حُر جماعت سنڌ جي اقتداري راند ۾ مستقل مزاجي سان سندس مخالف رھي. پير پاڳارو وڏو يا ھاڻوڪو کليل لفظن ۾ چوندا رھيا ته اسين اسٽبلشمنٽ سان گڏ آھيون شايد اڄ تائين اھا ئي صورتحال آھي ان ڪري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي مخالف اقتداري سياست ۾ پير پاڳاري جو ڪردار ھميشه نمايان رھيو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالف سياسي اتحادن جي ليڊنگ فورس ھميشه مسلم ليگ فنڪشنل رھي پوءِ ڪڏھن مسلم ليگ ق ته ڪڏھن مسلم ليگ ن ڪڏھن ايم ڪيو ايم ان ليڊنگ فورس جون اتحادي رھيون. جي ڊي اي،  ايس اين اي وغيره جھڙا الائنس ٺھندا رھيا جن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪا قوم پرستاڻو يا مذھباڻو رنگ به شامل رھيو پر ليڊنگ فورس پير پاڳارو رھيو. گذريل چوڏھن سالن جي اقتدار ۾ ھي سڀ ڌريون اقتدار مان ٻاھر رھيون پيپلز پارٽي کين سنڌ جي اقتدار ۾ شيئر ڏيڻ لئه تيار ناھي. پي پي مخالف جماعتون گذريل ٻنھي وفاقي حڪومتن ۾ شامل رھي به پيپلز پارٽي جون مخالف رھيون. وفاق ھنن اتحادين ذريعي سنڌ سرڪار سان ڇيڙ خاني ڪندي رھي جنھن سبب پيپلز پارٽي اقتدار بچائڻ لئه اسٽبلشمنٽ آوڏو جھڪندي رھي بلڪه ان دوران ڪجھه دوستن جو اھو خيال رھيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ڪير آھي جو اسٽبلشمنٽ جي مفادن جو تحفظ ڪندي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي روايتي سياسي مخالفن  يا اقتدار لئه جنگ  وڙھندڙ مخالفن جي مخالفت پنھنجي جڳھ تي پر گذريل چوڏھن سالن جي سندس اقتداري دور ۾ عوام جي اندر مخالفت جي جيڪا لھر پيدا ٿي آھي سا پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ ٻوڙي سگھي ٿي اھا لھر پيپلز پارٽي جي سياسي مخالفن کي سياسي فائدو پھچائي سگھي ٿي. آخر سوال اھو آھي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پنھنجيون سياسي ھمدرديون ڇو وڃايون آھن ؟

گذريل چوڏھن سالن دوران پيپلز پارٽي سنڌ جي اقتدار تي رھندي خود پيپلز پارٽي به اھو تاثر ڏيندي رھي ته سنڌي عوام جو کيس مينڊئيٽ حاصل آھي. پر جنھن عوام جي مينڊئيٽ مطابق اوھان وٽ اقتدار رھي اڄ اھو عوام اڄ اوھان جو مخالف ڇو آھي ؟ ڇوته عوام تي پنھنجي سياسي پارٽي سان گڏ بيٺل ھوندو آھي؟ ان جو بنيادي  ڪارڻ اقتدار ۾ رھي پيپلز پارٽي جي بد انتظامي ( بئڊ گورننس) آھي. جنھن سبب باقي ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا بد انتظامي، بدعواني ( ڪرپشن ) خراب ڪارڪردگي، اقربا پروري، سفارشي ڪلچر،  انفرادي مفادن لاءِ لُٽ مار، بد امني،  جھڙن ڀيانڪ رجحانن جنم ڏنو. سنڌ جي پنجاھ کن سرڪاري کاتن ۽ ادارن ۾ ڪو ھڪ به اھڙو کاتو ناھي جنھن بابت ڪير دعوا ڪري سگھي ته اھي مٿين بيمارين کان بچيل ھجي. ھونئن ته ڪرپشن سڄي پاڪستان ۾ آھي پر سنڌ ۾ گذريل چوڏھن سالن دوران ڪرپشن کي به ھڪ ڪارپوريشن يا ڪمپني جي شڪل ڏني وئي.“ ڪرپشن ڪارپوريشن “ ۾ مٿان کان وٺي ھيٺ تائين ”پارٽنرز“ (حصيدار) تيار ڪيا ويا. سنڌ جي ھر ضلعي ۾ اڄ ان ڪارپوريشن جا شيئر ھولڊرز موجود آھن. جن پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ شيئرز وڪرو ڪرڻ لاءِ پنھنجا ننڍا ننڍا ايجنٽ تيار ڪيا آھن. ٿلھي ليکي اھا ڪرپشن ڪارپوريشن ۽ ان جا پارٽنرز، ان جا ايجنٽ گڏجي اقتدار جي ٿيڀي کي مضبوط ڪندا آھن. حساب لڳائجي ته سنڌ جي ھر ضلعي ۾ پنج سئو کان ھڪ ھزار اھڙا ماڻھو ملندا جيڪي ھن ڪارپورشن جا شيئر ھولڊرز، پارٽنرز يا ايجنٽ آھن. ھنن ڪاروباري ٻولي جي لفظن کي سولي سنڌي ۾ ڪمپني جا حصيدار يا حصيدارن جا دلال چئي سگھجي ٿو۔ جيڪڏھن سنڌ جا ٽيهھ ضلعا آھن ته انھن ضلعن مان چونڊيل نمائندا، وزير، مشير انھن جا واٺا انھن جا ويجھا ماڻھو سڀ گڏجي ان بدعنوان نظام منجھان پنھنجو پنھنجو حصو کڻن ٿا ان ريت عوام جي اڪثريت جا اھنج گھٽجڻ بدران وڌي وڃن ٿا، ھڪ حد تائين ته عوام برداشت ڪري سگھندو آھي پر اھا صورتحال جڏھن ڊگھي عرصي تائين جاري رھي ٿي ته اھا بيزاري، سياسي نفرت، ڪڏھن ڪڏھن افراتفري يا بغاوت کي جنم ڏيندي آھي. ان حساب سان سڄي سنڌ تي ڪمپني جي مالڪن، سندن ننڍڙن حصيدارن ۽ انھن جي دلالن جي گڏيل حڪومت جاري آھي. انھن سمورن ماڻھن جو انگ ٽيھ چاليھ ھزار ٿيندو جيڪي سنڌ جي پنج  ڇھ ڪروڙ ماڻھن تي حڪمراني ڪن پيا. ھي ذڪر ڪيل سسٽم جمھوري سماج جي بنيادن ۽ جمھوريت جي روح جي بلڪل ابتڙ آھي ڇوته جمھوريت جو مقصد ئي اقتدار تي عوام جي اڪثريت جو ڪنٽرول ھجڻ آھي. اقتدار ۾ عوام جي شراڪت داري ۽ فيصلن ۾ عوام جو عمل دخل شامل ھجڻ لازمي آھي. پاڪستان جو مجموعي اقتداري وھنوار ھجي يا سنڌ جو اقتداري سرشتو ان ۾ ھاڻي عوام جي ڪابه شراڪت داري نظر نه پئي اچي.

ملڪ جي نئين سياسي ماحول ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽيون ور کڻي رھيون آھن. ايندڙ عام چونڊون سالن نه پر مھينن ۾ ٿيڻيون آھن ته سنڌ جي اقتدار جو فيصلو ھاڻي ڪير ڪندو ؟ سنڌ جو عوام، سنڌ جو سياسي شعور يا ساڳي ڪارپوريشن ؟ سنڌ ۾ تعليم جي بھتري ڪير ڪندو جو اسڪول آباد ٿي سگھن. اسڪول کان يونيورسٽي تائين ڪاپي ڪلچر، اقربا پروري، مافيائن جو ڪنٽرول ختم ٿي سگھي. سنڌ جي اسپتالن کي ڪير ٺيڪ ڪندو جو سنڌين کي اڄ به ايمبولينس بدران ڍڳي ڳاڏي، گڏھ گاڏي يا چنگچي ۾ لاش نه کڻڻا پون. سنڌ جي آبپاشي جي نظام کي ڪير درست ڪندو جو پوڇڙي جا ماڻھو پاڻي جي لپ لاءِ تڙپي تڙپي اڃ ۾ دم نه ڏين. سنڌ جي روڊن جو نظام ڪير ٺيڪ ڪندو جو روز روز حادثن ۾ ماڻھو اجل جو شڪار نه بڻجن. سنڌ جي زراعت يا زرعي پيداوار کي مڊل مئن جي وياج خور چنبن مان ڪير نجات ڏيندو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ کي “ پوليس اسٽيٽ” بدران پوليس کي عوام جي محافظ بڻائڻ جو فيصلو ڪير ڪندو ؟  سنڌ ۾ ماڻھن کي کنڀي گم ڪرڻ جھڙن غير انساني روين کي ڪير روڪيندو ؟ سنڌ جي ھر کاتي لاءِ مقرر ٿيل بجيٽ سڌي ريت عوام تي خرچ ٿيڻ بدران ڪمپني سرڪار جي اڪائونٽ ۾ داخل  ٿي عوام لاءِ ڪجھه حصو مقرر ڪرڻ واري سسٽم جو خاتمو ڪير آڻيندو ؟ اھڙو سسٽم  ئي اصل منصوبن تي ٽيھه سيڪڙو خرچ ڪري ستر سيڪڙو ڪرپشن ڪارپوريشن جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ٿو. سنڌ جي عوام کي حقيقي عوامي نمائندگي، اقتدار ۽ اختيار تي عوام جو مڪمل ڪنٽرول گھرجي ٿو جيڪو بظاھر في الحال ته ڪنھن به صورت ۾ نظر نه پيو اچي. پر ھن قسم جي صورتحال سنڌ ۾ سياسي ويڳاڻپ، مايوسي، جمھوريت کان بيزاري جھڙن رجحانن کي جنم ڏنو آھي. سنڌ ۾ نظرياتي سياست جي کوٽ، روشن خيالي، ترقي پسنديت، قوم پرستي جي جڳھه تي ڀوتارڪي روايتن جي مضبوط ٿيڻ سبب نوجوان نسل ۾ سياست کان مايوسي، فرسٽريشن ۽ بيزاري جي رجحانن جنم ورتو آھي جنھن جي ذميواري سڌي يا اڻ سڌي ريت وقت جي حاڪمن تي اچي ٿي ان ڪري پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ ۾ ايندڙ ڇھه اٺ مھينا اھم آھن سياسي حالتن کيس موقعو فراھم ڪيو آھي ته پنھنجي بد انتظامي ۽ بد عنوانين جي ڀيانڪ شڪل ۾ ماڻھپو آڻڻ جي ڪوشش ڪري. ڪمپني سرڪار يا ڪرپشن ڪارپوريشن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ ۾ حقيقي عوامي نمائندگي. عوامي اقتدار لاءِ عوام جا مسئلا حل ڪري نه ته وقت کائنس ضرور پڇاڻو ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.