پي ايڇ ڊي پاس پاڪستان ۾ بيروزگار، آخر ڇا ٿيندو؟

هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 4000  هزار کان به مٿي پي ايڇ ڊيز بيروزگار آهن.انهن مان642     اسڪالرس کي نوڪري لاءِ  HEC PORTAL  تي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. انهن مان 358 کي هڪ سال لاءِ IPFP ۾ نوڪري ڏني وئي آهي. رپورٽ مطابق تمام گهٽ اسڪالرس کي يونيورسٽين ۾ رکيو ويو آهي، اڃان به اسڪالرس جو رجسٽريشن ۾ تعداد وڌي رهيو آهي. جيئن ته اسان ڄاڻون ٿا ته پي ايڇ ڊيز کي يونيورسٽين ۾ ئي رکي سگهون ٿا .جيتوڻيڪ هيڪ چيئرمين جي ته سال 2017 ۾ 36000 پي ايڇ ڊي جي گهٽتائي آهي، گورنمينٽ کي هائير ايجوڪيشن لاءِ بجيٽ وڌائڻ گهرجي ته جيئن تعليمي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي. اوهان ڏٺو هڪ سال کانپوءِ پي ايڇ ڊي اسڪالرز جو وڏو تعداد نوڪرين لاءِ احتجاج ڪندي HEC اسلام آباد پهچي ويو.HEC ملڪ جي 119   يونيورسٽين  ۾ 869 پروگرامس مان فقط 228 پروگرامس شروع ڪري سگهي، ان جو سبب اهو ئي هو ته ڪواليفائيڊ ٽيچرس جي گهٽتائي، جيڪي پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي سپروائيز ڪري سگهن.

هيڪ جي رول مطابق پاڪستان جي سرڪاري يا غير سرڪاري يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي  پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ 3  پي ايڇ ڊي ٽيچرس هڪ  سبجيڪٽ ۾ هئڻ گهرجن جيڪي PhD Aspirant کي هڪ ئي وقت سپروائيز ڪري سگهن.هڪ ٽيچر هڪ ئي وقت 5 کان مٿي شاگردن کي سپروائيز نه ٿو ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ هيڪ سال 2021 ۾ مانيٽرنگ لاءِ هڪ ٽيم جوڙي جيڪا ان  رول تي عمل ڪرائي سگهي. انهيءَ ٽيم ملڪي  119 يونيورسٽين ۾ 869 پروگرامس رويو ڪيا جن مان 441 پروگرامس هيڪ رول مطابق هئا باقي 228 پروگرامس معيار تي پورا نه لٿا،ان جو  خاص سبب Students+Teachers جوRatio معيار تي پورو نه هئو. هيڪ جي پي ايڇ ڊيز ڏانهن پاليسي فيل ٿي چڪي آهي صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته هيڪ وٽ ڪوبه Clue نه آهي ته پي ايڇ ڊيز کي ڪيئن استعمال ڪجي،

اسان جي ملڪي اڳواڻن کي به تعليمي اوليت نه آهي ته پوءِ ملڪي واڌ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي.اسان جي نوجوان جو مستقبل داع تي لڳل آهي ان کان علاوه ملڪي واڌ کي به ڪاپاري ڌڪ آهي.ڪيترن ئي تعليمي ماهرن جو ان تي يقين آهي ته هيڪ اڃان به صورتحال خراب ڪري رهي آهي جيڪا  پي ايڇ ڊي سپروائيزر کي پي ايڇ ڊي ڪرائڻ جا فائدا ڏئي رهي آهي انڪري سپروائيزر شاگردن جو تناسب وڌائي رهيا آهن ته جيئن کين Synopsis, Publication, Thesis Defence بونسز ملي سگهن.PhDs Aspirants جي اجايو داخلا وڌائڻ سان معياري تعليم کي نقصان ٿي رهيو آهي .اگر تعليم کي معياري  ڪرڻو آهي ته پوءِ 5 شاگردن جي جاءِ تي صرف 2 شاگردن کي هڪ سپروائيز ٽيچر ڪري.آئون وزير اعظم پاڪستان ۽ چيئرمين هيڪ کي گزارش ٿو ڪريان ته ملڪ ۾ بيروزگار پي ايڇ ڊيز کي يونيورسٽي ۾ مقرر  ڪيو وڃي ته جيئن کين  بيچيني ختم ٿي سگهي.

ڊاڪٽر نظير احمد ابڙو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.