وڌندڙ گرمي پد، سنڌ وارن جي تڪليف ۽سرڪار جي ذميواري

اهو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته هي ڌرتي ئي سمورن انسانن جو واحد ۽ گڏيل گهر آهي، ڪائنات  ۾ تاحال  ان جو ڪو به ٻيو نعم البدل اڃان نظر نه آيو آهي. پر بي سمجهيءَ ۾ انسان جيڪو ڪجهه  هن ڌرتيءَ  سان  ڪري رهيو آهي ان جي نتيجي  ۾ هي اشرف الملخوق خود پاڻ سان دشمني پيو ڪري. عالمي سطح تي ته اهو به بحث هلندڙ آهي ته ڪٿي هيءَ صدي انسان  ذات جي آخري صدي ته ثابت نه ٿيندي؟

دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي جي جيڪا قيمت اڄ  انسان ادا ڪري رهيو آهي، اها گهڻي ڳري آهي. سمورن وسيلن کي لاپرواهي سان ڀيلڻ جي ڪري هاڻي جابلو سلسلا، ٻيلا،گليشيئرز،سمنڊ ۽ درياهه تباهه ۽ناس ٿي ويا آهن.سمنڊ،فضا۽ ماحول ايترو ته گدلو ٿي ويو آهي جو هاڻي ان جا انتهائي خطرناڪ اثر سامهون اچي رهيا آهن، گرمين ۾ شديد گرميون، سياري ۾ بي حساب ٿڌ ٿئي پئي. موسم جي ڦير گير ۾ غيرمعمولي تبديلي اچي وئي آهي.

هن وقت  گرمي جي شديد لهر هلندڙ آهي، نتيجي ۾ رواجي زندگي گهڻو متاثر ٿي آهي.  عالمي ماهر ان تي ضابطي بابت اعلان جاري ڪندا رهن ٿا  جنهن جي لاءِ وڻن پوکڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي.اهو ڪو واحد حل نه آهي پر اهو بنيادي ڪم آهي، جنهن جو هر صورت ۾ بهتر نتيجو ايندو.

ماحول ۽ آبهوا ۾ جيڪا تبديلي ٿيندي رهي ٿي اها اسان جهڙن  ملڪن جي ايجنڊا جو حصو ئي  نه ٿي آهي. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان جي منفي اثرن کان ڪو به محفوظ نٿو رهي سگهي.

سنڌ ۾ ڪجهه وقت کان گرمين جي شدت سان  گڏ باهه لڳڻ جا واقعا به وڌي ويا آهن. جنهن  سان غريب ماڻهون گهڻو متاثر ٿئي ٿو.هڪ ته سنڌ مجموعي طور تي هڪ زرعي پس منظر رکندڙ علائقو آهي، ٻيو ته غريب غربو اڄ به پراڻي طريقي جي رهائش اختيار ڪري ٿو. زمين جي سهاري پاليل ڪجهه چوپايو مال به هن  سان گڏ هوندو ۽ رسمي گهر سان لڳ ٺاهيل مال جو وٿاڻ به لازمي آهي.جهوپڙين يا ڪچن گهرن جي ويڙهي کي ڏنل واڙ يا لوڙها ئي هنن جي حفاظتي ديوار هوندا آهن.

سنڌ ۾ باهه  لڳڻ جا واقعا  ڪڻڪ لهڻ واري موسم ۾ تڏهن ٿيندا آهن جڏهن تيز هوائون هلنديون آھن پر هن ڀيري انهن واقعن ۾ واڌ اچي وئي آھي.نالي ۾ جڙيل ڊزاسٽر اٿارٽيءَ وٽ  اهڙو ڪو به انتظام نه آهي جو باهه لڳڻ جي ڪنهن به واقعي ۾ انهن غريبن جي جوڳي سار سنڀال لهي يا انهن کي ريسڪيو ڪري، سنڌ ۾ ته حالت اها آهي جو ضلعي سطح تي جيڪڏهن ڪا فائر برگيڊ هوندي به آهي ته اها به ڪنهن ڪم جي نه ٿيندي آهي.مٿان وري سرڪار سڳوريءَ جي گورننس اهڙي آهي جو ڪو به ڪامورو يا آفيسر پاڻ کي ان جي لاءِ ذميوارنه سمجهندو آهي، اهڙو تازو مثال ميهڙ لڳ باهه لڳڻ وارو واقعو آهي.جنهن ۾ 9 انسان سڙي ويا هئا جنهن جي لاءِ به جي جاچ ٿئي ته ان ۾ انتظاميه جي ڪوتاهي نڪرندي.

هن وقت به سنڌ جي مختلف علائقن مان اوچتو باهه لڳڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، پر سرڪار انهن جي مناسب پرگهور لهڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي هن قيامت جهڙي گرميءَ ۾ عام ماڻهن کي پاڻ بچائڻ جي صلاح ڏيندي پاڻ تان بار لاهي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ان گرميءَ جي صورت ۾ قدرتي آفت آيل آهي.جنهن کان لاڳايپل ادارو بي نياز آهي.

سنڌ سرڪار کي هن وقت پهريون ڪم اهو ڪرڻ گهرجي جو ماحوليات جي مضمون کي نصاب جو حصو بڻائي جيئن هر عام ماڻهون ان کان آگاهه ٿئي . ٻيو ڪم سرڪار اهو به ڪري سگهي ٿي ته اها تعلقي سطح تائين ڊزاسٽر مينيجمينٽ ۽ضلعي عملدار جي آفيس کي ڳنڍي ڇڏي،جيئن  باهه جي واقعن بابت تفصيل گڏ ڪري۽ متاثرن جي سار لڌي وڃي، جيئن انهن جو ڪجهه ازالو ٿي سگهي.گڏوگڏ باهه جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ عوام کي ڄاڻ به ڏني وڃي.

سرڪار ماحول جي بهتريءَ جي لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي وڻن پوکڻ جي مهم شروع ڪري ۽ هر پوکيل وڻ جي سنڀال جو به ذمو کڻي، جنهن سان نيٺ ته ساوڪ ٿيندي ،ماحول به بهتر ٿيندو.

 

اهي سڀ ڪم ڪري سگهجن ٿا انهن ۾ ڪا به اهڙي ڏکي ڳالهه نه آهي، هن ۾ جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته اهو صرف  سخت مانيٽرنگ جو آهي، اهو وري به سرڪار جو ئي ڪم آهي، جيڪو ان کي بهتر نموني سان نڀائڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هيءَ گرمي جنهن حساب سا ن هلي رهي آهي، ان سان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي.

هن وقت جن اهم مسئلن تي دنيا ۾ ڪم ٿي رهيو آهي ان ۾ ماحوليات،متبادل توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي شامل آهن، اهو درست آهي ته دنيا ۾ ٻيا مسئلا به گهڻا اهم آهن پر جيڪا صورتحال هن وقت عالمي سطح تي ماحول جي آهي اها گهڻي وڌي وئي آهي. دنيا ۾ قدرتي وسيلن جي پائيدار استعمال ۽ انهن کي بچائن جو تصور آيو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ٻيلن کي هٿ سان ناس ڪيو ويو آهي، تيزيءَ سان وڌندڙ تعميراتي سيڪٽر زرعي زمين کي ختم ڪري رهيو آهي، جابلو نئين مان ريتي کڄڻ جي ڪري اتي پاڻي جي سطح هيٺ لهي وئي آهي، جنهن ڪري قدرتي ماحول  بگڙي ويو آهي، ساڳي صورتحال زمينن کي ملندڙ ڪيميائي ڀاڻ جي آهي جنهن زمين جي قدرتي طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.سمنڊ ۽ فضا ۾ به ڪروڙين ٽن گدلاڻ موجود آهي، مٿين سببن جي نتيجي ۾ ماحولياتي توازن بگڙي ويو آهي.جنهن کي بهترڪرڻ  تي سموري دنيا ۾ ڪارگر بحث هلي رهيو آهي.

دنيا جي مختلف علائقن ۾ نظرياتي ويڙهه جاري آهي،عقيدن جو به ٽڪراءُ آهي، سياسي ۽سماجي مسئلا به ڪَر کڻي بيٺا آهن پر سڀني کان وڌيڪ  انسان ذات جي بقا  آهي، هڪ خاموش دشمن هن وقت سموري دنيا ۾ ماحوليات جي صورت ۾ سامهون آهي اهو ڪنهن سان به رعايت نه ڪندو.  اميد تي وس وارا هنن گذارشن تي ٿورو وقت ڪڍي غور ڪندا ۽ انسان جي مجموعي مفاد ڏانهن به ڌيان ڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.