بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي وزارت جو چيلينج

پاڪستان جي سڀ کان ننڍي عمر جي وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ ۽ هلائڻ جي ذميواري هڪ اهڙي وقت ۾ ملي آهي جڏهن ان جي وزارت کي ٻاهرين توڙي اندروني طور تي سخت مشڪل چيلنجز آڏو آهن. هڪ پاسي روس ۽ اولهه جي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ آهي ته ٻئي پاسي ڀارت سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جو ڪو سرو نٿو ملي.

اندروني طور تي عمران خان پنهنجي آمريڪا مخالف بيانيي کي عوامي رخ ڏئي رهيو آهي. سندس طرفان حڪومت ڪيرائڻ واري سازش جي ثبوت طور تي جنهن سفارتي خط جو ذڪر ڪيو ويو تنهن موجب آمريڪا اصل ۾ سندس روس جي دوري تي ناراض آهي.

پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ سرد مهري ۽ ڪشمير مسئلو، آمريڪا، چين ۽ روس سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش جنهن سان پاڪستان کي معاشي فائدا ملي سگهن. ان پرڏيهي محاذ جو اڄ پاڪستان کي چيلينج آهي ۽ پاڪستان جي پاليسي سازن لاءِ امتحان آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو جي پرڏيهي وزير بڻجڻ کان اڳ ۽ 1960ع جي ڏهاڪي کان اڳ پاڪستان، آمريڪا جو ويجهو اتحادي هو جنهن کي سوويت يونين جي خلاف جاسوسي لاءِ ملڪ جو هوائي اڏو به ڏنو ويو هو. ڀٽي، ان پاليسي کي بدلائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن هڪ پاسي روس سان لاڳاپن جا بنياد رکيا ته ٻئي پاسي چين سان سرحدي معاملا نبيريا ويا.

پنهنجي ڪتاب ”ذلفي ڀٽو آف پاڪستان“ ۾ سٽينلي ولپرٽ لکي ٿو ته ”صدر ايوب جي ڪابينا ۾ رڳو ڀٽو ئي هو جنهن وٽ ويزن هو جيڪو عالمي غير جانبداري کي بطور سياسي فلسفي جي سمجهي سگهيو پئي“ ۽ هن پرڏيهي وزير بڻجڻ کان اڳ 1960ع ۾ ڪامرس جي وزير طور ڪابينا ۾ تجويز ڏني هئي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان، چين ۽ روس ڏانهن ڌيان ڌري ۽ گڏيل قومن ۾ پيپلز ريپبلڪ آف چائنا جي شامل ٿيڻ لاءِ ووٽ سان گڏوگڏ معاشي ايجنڊا تي به ڳالهين جي شروعات ڪري.“

سٽينلي ولپرٽ لکي ٿو ته ڪابينا جي اجلاس جي هڪ مهيني کانپوءِ ڀٽي پهريون پاڪستان جي سرڪاري وفد سان سوويت يونين جو دورو ڪيو ۽ پهرين معاهدي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 120 ملين روبل جو قرض مليو ۽ سوويت يونين پاڪستان ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولها لاءِ پنهنجي ماهرن جي ٽيم به موڪلي. 1963ع ۾ ڀٽو، چين ۽ انڊيا جي وچ ۾ لڳل جنگ جي ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ چين سان به سرحدي معاهدو ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپن جو بنياد پيو.

سٽينلي ولپرٽ لکي ٿو ته اهو ڀٽو ئي هو جنهن ڪشمير جي مسئلي کي به سفارتي طور زنده ڪيو ۽ قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته ”اسان جا ڪيترائي دوست آهن ۽ جيڪڏهن انڊيا پاڪستان جي خلاف ڪا اڳرائي ڪئي ته هي سڀ دوست ملڪ ان کي پنهنجي خلاف اڳرائي سمجهندا.“

ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت عظميٰ جي پڄاڻي ٿي ته ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ  هڪ ڀيرو وري آمريڪا نواز وارو رخ اختيار ڪيو.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.