خطي جون ٻٽيون پاليسيون ۽ سياست 

تحرير: رياض ابڙو 

دنيا باءِ ـ پولر معني ٻن وڏن حصن ۾ ورهايل ضرور آهي هاڻي ملٽي پولر ورلڊ ٿيندي پئي وڃي، پر سنگل پولر يا مونوپولسٽ ورلڊ ناهي رهي، جنهن ۾ آمريڪا جي هڪ هٽي هجي يا جيئن آمريڪا چئي تيئن ٿيندو وڃي، ان ڪري ته 70 واري ڏهاڪي تائين جڏهن دنيا ۾ چين جي معيشت يا روس جي معيشت ايتري مضبوط نه هئي تڏهن چئي سگهجي پيو ته دنيا سنگل پولر هئي يا ورلڊ ليگ کانپوءِ يونائيٽيڊ نيشنز جي مرضي جيئن وڻيس تيئن ڪري يا جهانداد وارا فيصلا ڪري دنيا کي قبضي ۾ ڪيون ويٺي هئي پر دنيا جي معيشتن جي ڊي نيشنلائيزيشن کانپوءِ (جيڪي ڀٽي صاحب جي دور پڄاڻا زور وٺي ويون) ۽ جيڪي آمريڪي برانڊ يا يورپي برانڊ جون شيون دنيا ۾ ڦهلجڻ شروع ٿي ويون معنيٰ سيڙپڪارن دنيا جي هر ملڪ ۾ ”مَني ريئلائيزيشن“ معنيٰ سيڙپڪاريون ڪرڻ شروع ڪيون جنهن ۾ اسان وٽ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻاهرين ملڪن جون شيون وڪڻجڻ لڳيون (هن مهل تائين) جنهن ۾ هوم اپلاينسز (گهرو استعمال جون شيون) کان وٺي لٽي ڪپڙي، گاڏين کان وٺي کاڌي پيتي جون شيون يورپي يا آمريڪي برانڊ جون اچڻ شروع ٿي ويون (هاڻي چين جي شين جي گھڻائي آهي) جنهن ۾ وري روسي ساخت گھٽ نظر اچڻ لڳندي آهي (يا نه جي برابر آهي) پر وري مارڪيٽ آڪيپويشن (قبضو) يا ڦهلاءُ چين جو وڌندو ٿو رهي.

ان ڪري هاڻي جي صورتحال ۾ چين جي وڌندڙ آڪيوپيشن، يا روسي جارحيت يورپي (مغربي يورپ) ۽ آمريڪا جي لاءِ پريشاني جو سبب ان ڪري به ضرور آهي ته هي خطو يا وچ ايشيائي ملڪ جيڪي سڄي دنيا جي آباديءَ جو 60 سيڪڙو آهن ۽ اهي يورپي ۽ آمريڪي يا چيني برانڊ جا وڏا ڪنزيومر (صارف) پڻ آهن، ان ڪري معاشي اصولن پٽاندڙ روس ۽ چين جي هن خطي تي قبضو يا سي پيڪ جو هلي پوڻ مغربي قوتن جون ننڊون حرام ڪندو يا ڦٽائي ڇڏيندو (جي هلي پيو ته) ڇو ته ان سان روس ۽ چين جي معيشت مضبوط ٿيندي ويندي (۽ فوجي طاقت ته اڳي ئي انهن ملڪن جي مضبوط آهي) جنهن جو مثال يوڪرين، هارڪوِ يا جارجيا جي مٿان جنگي جارحيت يا روس جو مضبوط چنبو ضرور آهي يا ان سڄي پيش منظر ۾ اهو به آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو ”مائيٽ از رائيٽ“ پر جهڙي چالبازي آمريڪا سي آءِ اي جي هٿئون ٿو هلي، اهڙي چالبازي وري ٻين ايجنسين جي وس جي ڳالهه ناهي، اهو به آهي ته آمريڪا پنهنجي سپرپاوري جي مينٽيننس تي ڪروڙين ڊالرخرچ ڪندو رهي ٿو، پوءِ ان ۾ ٻين ملڪن اندر حڪومتون ڪيرائڻيون هجن يا ٺاهڻيون هجن ان ۾ آمريڪا جي سي آءِ اي جي منشا ۽ مرضي به شامل هجي، پر ساڳي ڳالهه ته طالبان جهڙا ”ٽُول“ ۽ بهانا ڪنهن ملڪ جي وس جي ڳالهه ناهي.

جيئن چين ۾ آمريڪي مداخلت 70 واري ڏهاڪي کان پهرين هئي ساڳي ڪار وري روس جي ڊس انٽيگريشن کان اڳ روس اندر آمريڪي مداخلت جي به هئي، سا هاڻي مشڪل آهي (جيئن يوڪرين جي مٿان ڪنٽرول) اها ڳالهه به ڪجي ته ان آمريڪي مداخلت روس کي ڪٿان جو ڪٿي پڄائي ڇڏيو، پر ان سڄي ڳالهه ۾ اثر سڄي جو سڄو پاڪستاني معيشت کان وٺي پاڪستاني سياست ۽ اندروني خلفشار تي ضرور پيو جنهن جا اثر (طالبان) اڄ تائين ويا ناهن ۽ اهي نتيجا ڀوڳيون پيا، پر روس پنهنجي ساک ۽ بائونڊري ته بچائيندو ٿو اچي يا ان جي حفاظت ڪرڻ به ڄاڻي، ان ڪري روس کي ان ڳالهه جي پرواھ ناهي ته يورپين يونين ڇا ٿي چئي يا آمريڪي پابنديون روس کي يا ان جي اتحادين (چين) کي ڪٿي پڄائينديون ڇو ته روسي ويڙھ انهن فرضن ۽ واجبن کان آجي رهندي آئي آهي، ان ڪري ته وطن جي ڳالهه ٿي اچي ته بين الطرفين اها ساڳي ئي ڳالهه چئي سگهجي ٿي پر حق ۽ ارادو يا واھَ ان جي جائز آهي جيڪي ان ڌرتيءَ جا اصل وارث ۽ مالڪ آهن .

اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته جارجيا يا يوڪرين سميت هارڪوِ به روس جا ئي شهر يا صوبا هيا جن جي وري دعويٰ کي ڪير رد نه ٿو ڪري سگهي، ان ڪري ته طاقتون پنهنجي جاءِ تي پر حق واري ڳالهه ٻي آهي، اسان ڪو سپورٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي ڳالهه ۾ ڦاٿل ناهيون، پر روس جي ان دعوي ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته هو يوڪرين، جارجيا يا هارڪوِ شهر کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندا، پر ”پراون دهلن تي دوسو مست ڇو آهي“ يا اسان بغليون ڇو ٿا هڻون، اتي هي ڳالهه به ٺهڪي ٿي ته ”جيڪڏهن منهنجي مادري زبان سان تنهنجي رياست جا بنياد لڏن ٿا ته پڪ سمجھه ته تنهنجي رياست جي تعمير منهنجي زمين تي ٿيل آ“ (چي گويرا) ان ڪري يوڪرين، جارجيا يا هارڪوِ جون ٻوليون ۽ تهذيب روسي آهن، پر انهن مان ڪجھه مفاد پرست ٽولا هيا جن ڪرسيءَ جي لالچ ۾ روس کي ٽوڙڻ گهريو، ان دوران وارسا پيڪٽ (معاهدو) جيڪو 14 مئي 1955 کان 1 جولاءِ 1991 تائين رهيو جنهن تحت اهو هيو ته روس، البانيا، بلغاريا، چيڪ سلويڪيا، ايسٽ جرمني، هنگري، پولينڊ، رومانيا (البانيا 1968 ۾ ۽ جرمني 1990 ۾ ان معاهدي مان نڪري ويون يا انهن اها ايگريمينٽ ٽوڙي ڇڏي) وري ساڳيو معاهدو انهن ملڪن 26 اپريل 1985 ۾ ٻيهر نئون سنئون ڪيو، جنهن تحت اهي ملڪ هڪٻئي کي فوجي ۽ معاشي امدادون ڏيندا رهندا، اهي ملڪ پيرس ايگريمينٽ يا نارٿ آمريڪن ايٽلانٽڪ آرگينائيزيشن تحت هڪٻئي جي مدد پڻ ڪندا رهندا، پر وارسا پيڪٽ تحت روس 1968 ۾ چيڪ سلويڪيا جي مدد به ڪئي پر نيٽو جي ٺهڻ سان انهن ملڪن جا اهي معاهدا 1 جولاءِ 1991 تي تقريبن ختم ٿي ويا (ڇو ته روس ٽٽي ويو) پوءِ انهن ملڪن وري نيٽو کي جوائن ڪيو ۽ ساڳي ايگريمينٽ تحت اهي ملڪ ڪڏهن به هڪٻئي تي حملا نه ڪندا يا هڪٻئي جي فوجي امداد يا معاشي امدادون پڻ ڪندا رهندا، پر روس هاڻي ان نيٽو ملڪن جو مددگار ملڪ ناهي رهيو.

هاڻي وري 70 واري ڳالهه ناهي يا 90 واري ڳالهه جڏهن سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ جي فيڪٽريءَ ۾ طالبان جي اڻت ڪري ٺاهي جوڙي روس جا پير پَٽي ٽوڙي ڦوڙي ڇڏيو هينس، ان ڪري هاڻوڪي صورتحال کڻي ٻي آ، پر چين جي معيشت ۽ سي پيڪ جي ڦڏن جي ڪري جيترو پاڪستان اڙيل آهي اوترو ڪو ملڪ به اڙيل ناهي (ڪراچي يونيورسٽيءَ وارو ڌماڪو ان جي ڪڙي آهي) ان ڪري جيڪي ادارا گروي رکي اسان چين جا رستا کولي ڇڏيا آهن اوترا وري روس جي لاءِ آسان به ڪري ڇڏيا آهن، اها ڳالهه به مڃون ٿا ته جن ملڪن سان اسان جون سرحدون ملن ٿيون يا جن ملڪن سان اسان جا مذهبي، لساني، تهذيبي، تمدني يا خطي جي حوالي سان لڳ لاڳاپا آهن انهن سان اسان جي لڳي ئي نه (جيئن ڀارت، افعانستان ۽ ايران) اهي ته اسان جا دشمن لڳا پيا آهن، اسان انهن جا دشمن آهيون، پر جن ملڪن سان مذهبي، لساني، تهذيبي مفاد ناهن انهن ملڪن سان جنگي معاملا، معاشي معاملا، واپار جا معاملا يا امدادن جا در کليل آهن (جيئن چين) اهي اسان جا سڄڻ آهن يا اهي پوءِ جيئن چون تيئن ڪيون، مثال ان ساڳي دشمني ۾ افغانستان، ايران ۽ ڀارت به اچن ٿا جيڪي سڀ لاڳاپا ٺاهي به هلن ته به ايجنسين جي خطري ۾ رهون ٿا يا اهي رهن ٿا، پر جيڪي ملڪ پنهنجي مفاد يا عالمي طاقتن جي هجڻ، بڻجڻ يا دنيا کي سڌو سنئون باءِ پولر ورهائڻ جي بهاني اسان کي تجربيگاھ ڪيون ويٺا آهن اهي اسان جي لاءِ صحيح آهن، اسان انهن جي اشاري تي هلون ۽ ڪڏون ٿا، پر پاڙيسري ملڪن سان نه ٿا اسان ٺهون نه ٿا اهي ٺهن.

بهرحال بين الاقوامي راند ۾ اسان جو ملڪ ته فٽ بال لڳو پيو آهي يا جنهن جي مرضي هن نڌڻڪي ملڪ کي جيئن وڻيس تيئن آزمائي، ڦيرائي يا ڪيرائي، ان ڪري اها ڳالهه گھٽ ۾ گھٽ اسان جهڙين قومن لاءِ آزار ضرور بڻيل آهي ته حڪومت ۽ مخالف به ٻين ملڪن جي هنج ۾ ويٺل آهن، مثال جي ڀٽو صاحب يو اين او جي اجلاس ۾ ڀارتي لڙائي مهل (معني 1965 وري جنگ ۾) اتي ويٺلن کي اکيون ڏيکاري ايٽم بم ٺاهڻ جون ڌمڪيون يا چيلينج ڪري، جذباتي ٿي اٿي پنا ڦاڙي آيو ته هتي هن جو مخالف طبقو وري انهن غير ملڪي هٿن ۾ کيڏندو يا کپي ويو، جيڪي (جنرل ضياءُ ۽ باقيات) هن کي ڦاهي چاڙهڻ ۾ دير ئي ناهن ڪندا (ان ڳالهه ۾ ايران جي تعريف ڪجي) ان ڪري ته ايران آمريڪي دشمنيءَ ۾ پاڻ سنڀالي ويندو آهي، پر اسان آمريڪي دوستيءَ ۾ پاڻ تباھ ڪري ويهندا آهيون، ان ڪري ته ”ڊومور“ واريون ڳالهيون تاريخ جوڙي وٺنديون آهن يا هاڻي به سي پيڪ جي ڪري جَنڊَ جي ٻن پُڙن ۾ آهيون ته جي روس ۽ چين جي پاسي آهيون ته ادارا گروي رکي، سي پيڪ جي آبياري ڪرڻي ٿي پئي ۽ جي آمريڪا جي پاسي آهيون ته آءِ ايم ايف جي هٿون ملڪ جا تباهي جي قسطون ٿا هلايون جنهن ۾ آءِ ايم ايف جا قرض، اسٽيٽ بئينڪ جو کپائڻ يا گروي رکڻ، سڪوڪ بانڊ وٺڻ، طالبان جي پالنا يا دشمنيون وغيره وغيره، ان ڪري اسان وٽ ايشيا جي ٽائيگر جي ڳالهه وڃي اها ٿي بيهي جو ڄڻ پڃري ۾ واڙيل ڪو شينهن يا هٿ جو پاليل شينهن هجي جنهن کي ٻڪري چئون ته بهتر آهي، ان ڪري ته اسان قومن وٽ فيصلي جي قوت ناهي يا جيئن ٻاهريون قوتون چون تيئن ڪندا وينداسين مجال آهي جو ٻڙڪ ڪڇون، ان ڪري جئين روس چئي، جيئن چين جي مرضي يا جيئن آمريڪا ۽ يورپي يونين چئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.