نواب شاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي انتظاميه پاران شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

نواب شاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه پاران يونيورسٽي جي شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

حنان عباسي، عاشق جتوئي، آفتاب سنڌي، سيد ناصر شاهه، ڪاشف لاکو، فرحان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه حق ۽ سچ چوڻ جي ڏوھه ۾ شاگردن سجاد کوسو، سھيل جمالي، وقار جمالي، حمزه آرائين، امجد مگسي، اسامه انڌھڙ، حسنين مستوئي ۽ ٻين کي ٽن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا انھن شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو آھي جن کي پاس آئوٽ ٿيڻ ۾ ڪجھه مھينا بچيا آھن، ھنن چيو ته يونيورسٽي جي اھڙي عمل سان شاگر ذھني مريض ٿي ويندا ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، ھنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگرد دشمن فيصلا ڪري انھن کي مستقبل سان کيڏي رھي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.