نواب شاهه : ڳوٺ شھمير کوسو جي مردن ۽ عورتن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

نواب شاهه ۾ ڳوٺ شھمير کوسو جي واسي مردن ۽ عورتن پاران سندن نوجوان جي ملوث جوابدارن جي  گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

 

تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ شھمير کوسو جي  عبدرزاق کوسو، مسمات حنيفان، مسمات حڪيمان، مسمات نجمه ۽ ٻين  نواب شاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته اسان جا ٻه نوجوان اشفاق کوسو ۽ رجب کوسو زميني تڪرار تان برداري جي جھيڙي ۾ قتل ٿي ويا ھئا، جڏھن ته ٻه ڄڻا ڪراچي جي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيا آھن ليڪن پوليس مک جوابدار حاڪم کوسو ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي تنگ ڪري رهي آھي ۽ اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي، جيڪو اسان غريبن سان ظلم آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته مک جوابدار حاڪم کوسو ۽ ٻين کي گرفتار ڪري انھن تي ڪيس داخل ڪري  انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.