مٽياري ۾ ڊي سي آفيس ڪرڪيٽ گرائونڊ تي نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد

مٽياري ۾ ڊي سي آفيس گرائونڊ تي نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل اياز حاجاڻو اليون ۽ ڊي سي اليون وچ ۾ ٿي گذريو جيڪو اياز حاجانو اليون پنھنجي نالي ڪري ورتو

 

 

مٽياري ڊي سي آفيس ڪرڪيٽ گرائونڊ تي نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن جو فائنل ڊي سي اليون ۽ اياز حاجاڻو اليون وچ ۾ ٿي گذريو جيڪو اياز حاجانو اليون پنھنجي نالي ڪري ورتو فائنل ميچ ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان راشد ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ سميت ضلعي جي بھترين رانديگرن حصو ورتو  فائنل ميچ ۾ پھرين بيٽنگ ڪندي اياز حاجاڻو اليون مقرره 8 اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 95 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو پويان بيٽنگ ڪندي ڊي سي اليون مقرره 8 اوورن ۾ 84 رنسون ٺاهي سگهي جنهن کان اياز حاجاڻو اليون 11 رنسن تان فائنل مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان راشد ،اسٽنٽ ڪمشنر مٽياري،اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيد آباد پاران ونر ۽ رنر ٽيمن سميت ٽورنامينٽ ۾ بھتري ڪارڪردگي ڏيندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون پڻ تقسيم ڪيون،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.