صبا قمر ماضي ۾ سياستدانن جو مذاق اڏائڻ تي شرمندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقبول سياسي مزاحيا شو ”هم سب اميد سي هين“ جي ميزباني ڪندڙ اداڪارا صبا قمر اعتراف ڪيو آهي ته ڄاڻايل شو ۾ ننڍي عمر ۽ بي سمجهي ۾ سياستدانن جو مذاق اڏايو، ان وقت مون کي گهڻين شين جي ڄاڻ نه هئي.

ڄاڻايل شو ۾ صبا قمر طرفان ڪيترن ئي سياستدانن جي نقل ڪرڻ کي پسند ڪيو ويندو پر هاڻ اداڪارا ۽ ميزبان اعتراف ڪيو آهي ته مان اهو سڀ ڪجهه بي سمجهي ۾ ڪيو.

تازو انٽرويو ۾ هن چيو ته مون کي اداڪاري جي سمجهه پهرين بالي ووڊ فلم ”هندي ميڊيم“ ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ آئي.

صبا قمر موجب هندي ميڊيم فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ مان ڪجهه ٻي هيس ۽ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ٻي بڻجي ويس، بالي ووڊ فلم ۾ عرفان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ مون کي اداڪاري جي سمجهه اچڻ سميت ٻين معاملن جي به سمجهه آئي ۽ وڌيڪ ميچور بڻجي ويس.

سندس چوڻ هو ته عرفان خان شوٽنگ وقت ڪا به تياري ڪرڻ بنا ڪم ڪندو هو، جڏهن ته مون کي مرد اداڪارن ۾ سڀ کان وڌيڪ مزو نعمان اعجاز سان گڏ ڪم ڪندي آيو.

هن چيو ته جيڪڏهن هاڻ مون کي هم سڀ اميد سي هين جي ميزباني جي آڇ ٿي ته نه نڀائي سگهنديس، ڇو ته هاڻ مون ۾ سمجهه اچي وئي آهي ۽ سياسي حوالي سان به ميچور ٿي چڪي آهيان.

صبا قمر وڌيڪ چيو ته مان شو ۾ جن اداڪارن جو مذاق اڏائيندي هيس، جيڪڏهن اهي سامهون اچي وڃن ته لڪي ويندي هيس پر هاڻ نه مان اهڙو شو ڪنديس ۽ نه ماضي جيان ڪنهن جو مذاق اڏائينديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.