اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو بلوچ شاگردن جي گمشدگين تي جاچ ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ جون شڪايتون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته گهرو سيڪريٽري ميڪانزم ٺاهي ته جيئن بلوچ شاگردن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي روڪي سگهجي.

عدالت حڪم ڏنو ته گهرو سيڪريٽري بلوچ شاگردن جي اباڻن علائقن جا دورا ڪندي سيڪيورٽي بابت خدشا ختم ڪري.

عدالت بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائلنگ ۽ گمشدگين جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو به ڪيو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون.

چيف جسٽس اطهر من الله قائداعظم يونيورسٽي جي گم ٿيل شاگرد جي آزادي ۽ بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار طرفان ايمان مزاري ايڊووڪيٽ، جڏهن ته وفاق طرفان ڊپٽي اٽارني جنرل سيد محمد طيب شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا.

ايمان مزاري ٻڌايو ته هڪ بلوچ شاگرد ڊاڪٽر دلدار بلوچ کي ڪراچي مان، جڏهن ته نمل يونيورسٽي جي هڪ شاگرد کي پنجاب يونيورسٽي مان کنڀيو ويو آهي، ائين لڳي ٿو ته حڪومت بلوچ شاگردن جي حوالي سان معاملي کي سنجيده نه پئي وٺي، ايڇ اي سي کي سمورين يونيورسٽي کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي ته جيئن بلوچ شاگردن کي هراسان نه ڪيو وڃي.

هن ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي صدر مملڪت سان بلوچ شاگردن جون ٻه گڏجاڻيون ٿيون آهن ۽ هن خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هي حقيقي ايشوز آهن پر گذريل حڪومت به انهن کي نطرانداز ڪيو، شاگردن جي نسلي پروفائلنگ ڇو ٿي رهي آهي؟  پوءِ ته انساني حقن واري وزارت کي بند ڪري ڇڏيون، هي ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، ڇا عدالتون انهن انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي اکيون بند ڪري ڇڏين؟ بلڪل ائين نه ڪنداسين، ڇا ڪابينا کي خبر ناهي هوندي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا جيڪي هن وقت ڪابينا ۾ آهن اهي ڪالهه هنن ڏانهن نه وڃي رهيا هئا؟ ڇا انهن کي ناهي خبر؟ جڏهن به ڪو حڪومت ۾ ناهي هوندو ان جون ڳالهيون ٻيون هونديون آهن ۽ حڪومت ۾ اچي سڀ وساري ويهن ٿا.

هن چيو ته جمهوري سوسائٽي ۾ اهو سياسي ليڊرشپ جو ڪم آهي اها هن جو حل ڪڍي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آئين موجب ان جو ڪير ذميوار آهي؟ جنهن تي ايمان مزاري چيو ته چيف ايگزيڪٽو ۽ لاڳاپيل ادارا ان جا ذميوار آهن.

ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته نئين حڪومت آئي آهي، وزيراعظم بلوچستان جو دورو به ڪيو آهي، اڃان اٽارني جنرل ناهي، مون کي هدايتون وٺڻ ڏيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهو نه چوندا ڪريو ته هي رياست ڪمزور آهي، لا اينڊ آرڊر جي صورتحال آهي ته ان سان ٻار ڇو متاثر ٿين؟

عدالت بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائلنگ ۽ گمشدگين جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي ڪميشن ميمبرن جا نالا تجويز ڪرڻ جو چيو، جنهن تي درخواستگذار چيئرپرسن هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حنا جيلاني، افراسياب خٽڪ، سميع الدين بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد نيئر جا نالا تجويز ڪيا.

ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.