والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ڏاڍ، ماسترياڻين کي حجاب نه ڪرڻ جو حڪم

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پنهنجي ڪنٽرول وارن اسڪولن ۾ ماسترياڻين کي حجاب نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڀارت ۾ حجاب تي پابندي جي حوالي سان تڪرار گهڻي عرصي کان هلي رهيو آهي پر هاڻ اهو تڪرار ڀارتي انتظام هيٺ ڪشمير تائين به پهچي ويو آهي، جتي تقريبن 95 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آهي.

ڪشميري اڳواڻن طرفان ان حڪم تي سخت ردعمل کانپوءِ ڀارتي فوج وضاحت ڪئي آهي ته سرڪلر ۾ غلطي سان نقاب بدران حجاب جو لفظ استعمال ٿي ويو آهي.

ڪشميري جماعت نيشنل ڪانفرنس جي نائب صدر عمر عبدالله ان فيصلي کي عوام جي زندگي ۾ مداخلت قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو معاملو رڳو حجاب جي باري ۾ ناهي پر ڪشميرين کي ٻڌايو پيو وڃي ته مسجدن ۾ لاڪ اسپيڪر جي اجازت نه هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.