محمد عامر به ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) محمد عامر گلوسٽر شائر سان پنهنجي مختصر وابستگي کي يادگار بڻائڻ چاهي ٿو.

هڪ انٽرويو ۾ پيسر چيو ته ڪائونٽي مون کي ڪرڪيٽ ۾ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، مون کي هميشه هتي کيڏڻ جو مزو آيو آهي، جيتوڻيڪ مان 3 سالن کانپوءِ واپس اچي رهيو آهيان.

هن چيو ته پرفارمنس سان پنهنجي پسند کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ڪائونٽي ۾ پرفارم ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي، هڪ چئلينج آهي پر مان ذهني ۽ جسماني طور ان لاءِ تيار آهيان.

سندس چوڻ هو ته ڊگهي فارميٽ ۾ ٿوري دير کانپوءِ پوئتي هٽڻ مشڪل آهي پر گلوسٽر شائر جي ان آفر کي رد نه ڪري سگهجي، جڏهن هو هتي پهتو ته سندس ساٿين سندس شاندار آجيان ڪئي.

محمد عامر چيو ته سينيئر جي حيثيت سان نه رڳو پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان فتح ۾ ڪردار ادا ڪندس پر نوجوانن جي رهنمائي لاءِ به تيار آهيان، ڪوشش ڪندس ته هتان سٺيون يادگيريون کڻي واپس وران.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.