بين اسٽوڪس ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سنڀالي ورتي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) 2019ع ۾ انگلينڊ کي ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ آل رائونڊر بين اسٽوڪس کي انگلش ٽيسٽ ٽيم جي ڪپاني ڏني وئي آهي.

بين اسٽوڪس جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي جو مون کي انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڏني وئي.

هن چيو ته مان اڳوڻي ڪپتان جو روٽ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن انگلينڊ ڪرڪيٽ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو.

سندس چوڻ هو ته منهنجي هتي پهچڻ ۾ جو روٽ جو وڏو حصو آهي ۽ اڳتي به مون سان گڏ رهندو.

انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس 2013 ۾ ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هيل تائين 79 ميچز ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.