موٽورولا جو سهڻي ڊيزائن وارو طاقتور موبائيل فون متعارف

 

144 هرٽز ريفريش ريٽ واري او ايل اي ڊي ڊسپلي، هاءِ ڪوالٽي اسٽيريو اسپيڪرز ۽ ڊوئل 50 ميگا پڪسل ڪيمرا چاهيو ٿا ته موٽرولا جو نئون اسمارٽ فون ايج 30 اوهان لاءِ بهترين آهي.

هن فون ۾ 6.5 انچ جو ايف ايڇ ڊي پلس اموليڊ ڊسپلي 144 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان ڏنو ويو  آهي.

اهڙي ريت اسٽيريو اسپيڪرز ڊولبي ايٽموس سان آهن جڏهن ته اسنيپ ڊراگون 778 جي پلس پراسيسر ڊوائيس ۾ موجود آهي.

موٽرولا ايج 30، 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود هوندا جنهن ۾ واڌ نه ٿي سگهندي.

اينڊرائيڊ 12 آپريٽنگ سسٽم فون جو حصو آهي ۽ اهو خالص اينڊرائيڊ سسٽم آهي جنهن جو تجربو گوگل جي ڪپڪسل فونز جي واهپيدارن ٿئي ٿو.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمراز جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جو مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان 50 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر ڪيمرا ۾ موجود آهن.

50-50 ميگا پڪسل جي ٻنهي ڪيمراز سان 4 ڪي وڊيو رڪارڊ ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

ايج 30 ۾ 4020 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي جيڪا ڪمپني موجب عام استعمال تي ڏيڍ ڏينهن ڪم ڪري سگهي ٿي.

چارجنگ لاءِ فون سان 33 واٽ ٽربو پاور چارجر فراهم ڪيو ويندو.

5 جي سپورٽ، ڊوئل سم سپورٽ، ڊسٽ اينڊ سپليش ريززٽنس، واءِ فاءِ 6 اي، بليوٽوٿ 5.2 ۽ اين اف سي به ذڪر جوڳيون شيون آهن.

هي فون جلد يورپ، ايشيا ۽ وچ اوڀر سميت ٻين خطن ۾ 450 يورو، (88 هزار پاڪستاني رپيا) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.