لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عدالت جي واضح حڪمن باوجود حمزا شهباز جي حلف برداري کي هٺ سان روڪيو پيو وڃي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته ايڏي دليري سان آئين، قانون ۽ عدالتن جا بخيا اڊيڙڻ ڪنهن نارمل انسان جو ڪم نٿو ٿي سگهي.
ان پاگلوں کو یا تو پاگل خانوں میں بھرتی کرانا چاہیے یا ان پر سنگین غدارای اور عدالتوں کی توہین کے مقدمات چلنے چاہییں۔ ایسی بچوں والی حرکتیں کہ انسان دنگ رہ جائے۔ سوچو ایسے ذہنی اور نفسیاتی مریضوں کے حوالے ہمارا ملک تھا ! شکر ہے پاکستان بچ گیا! https://t.co/DThmLBvffW
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) April 28, 2022
هن چيو ته بني گالا جا جِن جيڪڏهن ڳالهين سان نٿا مڃين ته سختي سان منهن ڏيڻ گهرجي، هي 12 ڪروڙ عوام جو صوبو آهي مذاق ناهي.
سندس چوڻ هو ته انهن چرين تي سنگين غداري ۽ عدالتن جي توهين جا ڪيس هلڻ گهرجن، اهڙيون ٻاراڻيون حرڪتون ٿا ڪن جو انسان دنگ رهجي وڃي، سوچيو اسان جو ملڪ اهڙن ذهني ۽ نفسياتي مريضن جي حوالي هو، شڪر آهي پاڪستان بچي ويو.