سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ ڇنڇر تي ڏٺو ويندو

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي سپريم ڪورٽ پنهنجي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڇنڇر جي شام معنيٰ 29 رمضان المبارڪ تي شوال جو چنڊ ڏسن.

سعودي سپريم ڪورٽ جي اپيل موجب شهري پنهنجي طور تي 29 رمضان جي شام شوال جو چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪن، شوال جو چنڊ کليل اک يا دوربين سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

سعودي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته چنڊ نظر اچڻ جي صورت ۾ پنهنجي ويجهي عدالت کي شهادت رڪارڊ ڪرائي وڃي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ 29 رمضان آچر تي آهي ۽ ان ئي ڏينهن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.