آصف زرداري اڌ رات جو دبئي روانو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري تقريبن 5 سالن کانپوءِ دبئي روانو ٿي ويو.

ذريعن موجب آصف علي زرداري رات دير سان نجي جهاز ذريعي دبئي لاءِ روانو ٿيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري اسلام آباد مان دبئي جي لاءِ روانو ٿيو.

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، جنهن ۾ آصف علي زرداري جو نالو به شامل هو.

ياد رهي ته وفاقي ڪابينا ڊسمبر 2018 ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.