ڀلاري مهيني ۾ ڪراچي وارن لاءِ بُري خبر، بجلي لوڊشيڊنگ جو دورانيو وڌايو ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ رمضان جي آخري ڏهاڪي ۽ عيد کان اڳ ڪراچي وارن تي بجلي ڪيرائي ڇڏي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب مختلف علائقن ۾ عيد کان اڳ لوڊشيڊنگ جو دورانيو وڌيڪ ٻه ڪلاڪ وڌايو ويو آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻارن جي کوٽ سبب پيداواري صلاحيت ۾ گهٽتائي آئي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو دورانيو وڌائڻو پيو.

واضح رهي ته ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، ماڊل ڪالوني ۽ سعدي ٽائون سميت شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بندش سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان پنهنجي بيان ۾ عيد تي بهتري جو امڪان به ظاهر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.